کپرو (ن ع آ+پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر عطاءُ الله انڙ، راڻو ڪنڍاڻي، موسىٰ راڄڙ ھوش محمد خاصخيلي، جان محمد راڄڙ، دريا خان جوڻيجو، ميان غلام حيدر ۽ ٻين کپرو پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سانگھڙ ضلعو معدني وسيلن سان مالا مال آھي. تيل ڪمپنين پي پي ايل، او جي ڊي سي ايل ۽ ٻين ڪمپنين ۾ مقامي سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. اڇڙي ٿر ۾ لڳ ڀڳ 23ھزار ايڪڙن تي ٻيلا موجود آھن، جن کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، نارا ڪينال مان ٻيلن جي لاءِ منظور ٿيل پاڻي بند ڪري شاخن ذريعي زميندارن کي ڏيئي ٻيلن کي سڪايو ويو آھي. لکين ايڪڙ ٻيلن جي زمينن ۽ سرڪاري زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي قبضو ڪري ٻيلا ختم ڪيا ويا آهن، ان سان گڏ خالي پيل سرڪاري زمينون مقامي بي زمين ھارين کي ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڏنيون ويون آھن. اڳواڻن چيو ته ٻيلن کي شاخن مان پاڻي منظور ڪري ڏنو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سانگھڙ سميت سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جو راڄ آھي، منشيات دڪانن تي سر عام وکر وانگر وڪرو ڪئي پئي وڃي. تعليم ۽ صحت جون بنيادي سھولتون موجود ڪونھي. ڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪربلا واري صورتحال آھي هنن چيو ته اڇڙي ٿر ۾ تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقياتي ڪمن جي کوٽ سبب عوام سخت مشڪلاتن ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. علائقي جي ماڻهن جو استحصال بند ڪري کين بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اڇڙي ٿر مان نڪرندڙ گيس، تيل ۽ معدني وسيلن مان ملندڙ رائلٽي علائقي جي بنيادي سھولتن صحت، تعليم،روڊن رستن، صاف پاڻي ۽ بنيادي ضرورتن تي خرچ ڪئي وڃي. ڳوٺ محمد عالم راڄڙ، ٻاڪو چانھيو ۽ کنڀرو راڄڙ ۾ موجود ھاءِ اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي ۽ نياڻين جي تعليم لاء خاص اپاء ورتا وڃن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته کپري ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان بااثر ماڻهن جا قبضا ختم ڪيا وڃن .