تهران/واشنگٽن/مسقط/ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري فوجي ڇڪتاڻ انتهائي خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جنهن سبب سڄي وچ اوڀر ۾ ڳڻتي ۽ هاءِ الرٽ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. رپورٽن موجب، ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي تي لڳاتار حملا ڪري رهيا آهن.خبر موجب، آمريڪي فوج ايران جي پنجن صوبن جي مختلف شهرن ۾ هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي حملي دوران 140 کان وڌيڪ هنڌن کي نشانو بڻايو.ايران جي شهر ڪرمان ۾ هڪ مواصلاتي ٽاور تي آمريڪي حملي کان پوءِ مقامي عملدار رحمان جلالي موجب، ٻن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جن کي هيليڪاپٽر ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ٻئي طرف، رپورٽن موجب ايران جوابي ڪارروائي ڪندي ڪويت، قطر، اردن ۽ بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ۽ آبناءِ هرمز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي.خبر موجب، ان ڇڪتاڻ سبب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڳ ٿيل امن وارو معاهدو عملي طور ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جنگبندي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايران جي سينيئر اڳواڻ محمد باقر قاليباف پڻ بيان ڏنو آهي ته هاڻي هڪ طرفي معاهدن جو دور ختم ٿي ويو آهي.رپورٽن موجب، آمريڪا ٻه ڏينهن اڳ ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪيون هيون، ۽ موجوده حملا ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ پنجين فوجي چڪر طور بيان ڪيا پيا وڃن.تهران مان ملندڙ اطلاعن موجب، گذريل ڪجهه راتين دوران آمريڪا ايران جي سامونڊي ۽ معاشي مرڪزن تي سخت بمباري ڪئي، جنهن سبب بندرگاهن ۽ جهازن جي بيهڻ وارن هنڌن کي به نقصان پهتو.رپورٽن مطابق، ايران جي جوابي حملن جا اثر علائقي جي ٻين ملڪن تائين به پهچي رهيا آهن.قطر ۾ ايران طرفان فائر ڪيل ميزائلن جي ملبي سبب ٽن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي خبر آهي.ان کان پوءِ قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزارت سڀني شهرين ۽ ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته عوامي حفاظت خاطر ٻيڙيون، جيٽ اسڪيون ۽ مڇي مارڻ وارا جهاز عارضي طور هلائڻ بند ڪيا وڃن.قطر جي پرڏيهي وزارت ايران جي انهن حملن جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال علائقي ۾ امن لاءِ جاري سياسي ۽ سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائيندي، ۽ قطر انهن حملن جا قانوني نتيجا ايران تي عائد ڪري ٿو.ساڳئي ريت، ڪويت به ايران جي مبينا حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. ڪويت جي پرڏيهي وزارت چيو ته اهڙيون ڪارروايون علائقي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهن، ۽ ملڪ کي بين الاقوامي قانون تحت پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي حفاظت جو مڪمل حق حاصل آهي.ٻئي طرف، متحده عرب امارات جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته ملڪ جا دفاعي نظام چوويهه ڪلاڪ الرٽ آهن، ۽ اڄ صبح ڏٺل ميزائل امارات جي سرحدن کان ٻاهر هئا.سعودي عرب پڻ صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ايران جي رويي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته واپاري جهازن تي بار بار حملا ڪرڻ بين الاقوامي قانون ۽ سٺي پاڙيسري جي اصولن جي خلاف آهي. جيتوڻيڪ هن ڀيري سعودي عرب کي سڌو نشانو نه بڻايو ويو، پر رپورٽن موجب گذريل هفتي آبنائي هرمز ۾ هڪ سعودي تيل بردار جهاز متاثر ٿيو هو.خبر موجب، موجوده صورتحال انتهائي غير يقيني بڻجي چڪي آهي، جتي هڪ طرف فوجي ڇڪتاڻ جاري آهي ته ٻئي طرف سفارتي حل جا امڪان به دٻاءَ هيٺ آهن.هوڏانهن ايران جي پاسدارانِ انقلاب (آئي آر جي سي) اعلان ڪيو آهي ته آبنائي هرمز کي ايندڙ حڪم تائين عارضي طور بند ڪيو ويو آهي.ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري اسلامي جمهوريه ايران براڊڪاسٽنگ موجب، پاسدارانِ انقلاب جي بحريه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ غير ملڪي مداخلت يا جهازراني لاءِ مبينا طور "غير قانوني سامونڊي رستو” مقرر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو سخت جواب ڏنو ويندو.پاسدارانِ انقلاب جي بحريه موجب، ڪيترن ئي سامونڊي جهازن کي پنهنجو رستو درست ڪرڻ ۽ منظور ٿيل سامونڊي گذرگاهه اختيار ڪرڻ بابت خبردار ڪيو ويو، پر انهن مان ڪجهه جهازن انهن هدايتن کي نظرانداز ڪيو.بيان موجب، هڪ جهاز مبينا طور پنهنجا نيويگيشن سسٽم بند ڪري ڇڏيا هئا، جنهن سان سامونڊي سلامتي کي خطرو پيدا ٿيو. بحريه جو چوڻ آهي ته رستو تبديل ڪرڻ جي حڪم کي نظرانداز ڪرڻ کان پوءِ ان جهاز تي خبردار ڪندڙ فائرنگ ڪئي وئي.آمريڪي سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته ايران جو آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول ناهي،جهازن جي اچ وڃ جاري آهي