لاهور(عمران شفقت) پنجاب جي هڪ بااثر پوليس آفيسر پاران وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جي حڪمن کي چيلنج ڪرڻ ۽ ساڻس ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آهن. هي معاملو بهاولپور ريجن جي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چونڊن ۽ هڪ آفيسر جي ڀاءُ کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تان شروع ٿيو.ذريعن موجب، راولپنڊي ۾ مقرر رهندڙ هڪ سينئر پوليس آفيسر، سيد خالد حمداني جي ڀاءُ عبدالله حمداني پاران بهاولپور ريجن مان نيشنل ليول جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ پي سي بي تي دٻاءُ وجهڻ جو معاملو سامهون آيو. عبدالله حمداني کي هڪ پوزيشن جي زور تي بهاولپور ريجن جي ڪرڪيٽ ڪيمپ ۾ شامل ته ڪيو ويو، پر ڪارڪردگي زيرو هجڻ ڪري کيس ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو. ان ڳالهه تي ڪاوڙ ۾ اچي پوليس آفيسر پنهنجي ڀاءُ جي حمايت ۾ هڪ الڳ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو پينل کڙو ڪيو ۽ سرڪاري ورديءَ ۾ تصويرون لڳائي چونڊ مهم هلائي وئي.رپورٽ موجب، مخالف پينل جا اميدوار جڏهن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ پهتا، ته پوليس آفيسر جي ويجهي ساٿي (لاهور جي هڪ پوليس عملدار فيصل ڪامران ۽ ايس ايڇ او لبرٽي عمران آفريدي) پاران کين روڪيو ويو. اميدوارن سان گڏ آيل سندن ڪزن، محمد آصف اقبال (جيڪو پاڻ ايف آءِ اي جو حاضر سروس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي)، يڇ او پاران هٿيارن جي زور تي هڪ ڪلاڪ تائين حراست ۾ رکيو ويو ۽ ڪاغذ واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.آصف اقبال پاران سرڪاري آفيسر جو تعارف ڪرائڻ باوجود پوليس سندس مٿان سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پر ٻئي ڏينهن لاڳاپيل مئجسٽريٽ ان ايف آءِآر کي ڪوڙي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي آفيسر آصف اقبال پاران هاڻي ايس ايڇ او لبرٽي ۽ ٻين ذميوارن خلاف قانوني ۽ کاتي جاتي ڪارروائي لاءِ اعليٰ اختيارين کي درخواست ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير محسن نقوي پاران ان سڄي معاملي جو سخت نوٽيس ورتو ويو آهي. محسن نقوي پنجاب جي لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي فون ڪري سخت تنبيهه ڪئي آهي ۽ ”شٽ اپ ڪال“ ڏيندي چيو آهي ته کيس سڀ معلوم آهي ته اهي آفيسر ڪنهن جي شهه تي پي سي بي جي چونڊن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. هن آفيسرن کي سڌو ٿيڻ ۽ قانون جي دائري ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي.