ڪراچي/ٺٽو(پ ر+ڊ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي ڀارتي آبي دھشتگردي جو نتيجو قرار ڏيندي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کان گھر ڪئي آھي تہ تہ ھو اقتدار ۽ ذاتي مفادن خاطر سودي بازي بدران اين ايف سي ايوارڊ سنڌ جي وسيلن سميت پاڻي تي ڌاڙي خلاف اثرائتا قدم کڻي. پاڻي جي کوٽ سبب زراعت تباھ ۽ معاشي طور سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان پھچي رھيو آھي. جماعت اسلامي پاڻي بجلي، پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي، مهانگائي توڙي بدامني سميت سنڌ جي ھر مسئلي تي آواز اٿاريو آهي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ٺٽي ۾ ڪوٺايل تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.جنھن ۾مقامي توڙي ضلعي اڳواڻ شريڪ جڏهن تہ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد ملاح، ضلعي امير ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون، جنرل سيڪريٽري عبدالله آدم گندرو پڻ موجود هئا.ڪاشف شيخ جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ڀارت ھڪ طرفو سنڌ طاس معاھدو معطل ڪري بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي جنھن جي ڪري پوڇڙ ۾ ھجڻ ڪري سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آھي. انڪري وفاقي حڪومت ڀارتي پاڻي دھشتگردي کي روڪرائڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ کڻن. سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ڌاڙو توڙي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پڻ سنڌ حڪومت جوڳا قدم کڻي ننڍن آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪري.