ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جو دارومدار ان جي تعليمي نظام تي هوندو آهي، ۽ ان نظام جي اصل طاقت استاد هوندا آهن. استاد نه رڳو ايندڙ نسلن جي تربيت ڪندا آهن، پر قوم جي فڪري، سماجي ۽ اخلاقي تعمير ۾ به بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن استادن بابت ڪو اهڙو انتظامي يا قانوني قدم کنيو وڃي، جيڪو سندن وقار، رازداري ۽ تحفظ سان لاڳاپيل هجي ته ان تي سنجيده بحث ۽ قانوني جائزو وٺڻ ضروري ٿي پوي ٿو. تازو سنڌ جي تعليم کاتي پاران هڪ حڪم جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 1989ع کان 2020ع تائين ڀرتي ٿيل استاد ملازمن کان سندن سروس رڪارڊ، ذاتي معلومات، مالي تفصيلن ۽ ٻين دستاويزن جي ٻيهر تصديق لاءِ معلومات طلب ڪئي وئي آهي. هن قدم کي استادن جي تنظيمن، خاص طور تي گسٽا، سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ۽ ان کي غير قانوني، غير آئيني ۽ غير متناسب قرار ڏنو آهي.
احتساب ڪنهن به مهذب سماج جي بنيادي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري ملازم خلاف ڪرپشن، جعلسازي يا قانون جي ڀڃڪڙي بابت واضح شڪايت موجود هجي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ قانون موجب ذميوارن کي جوابده بڻائڻ به ضروري آهي. پر ساڳئي وقت احتساب جو عمل به قانون، انصاف ۽ بنيادي حقن جي دائري اندر رهڻ گهرجي. جيڪڏهن احتساب جي نالي تي اهڙا قدم کنيا وڃن جيڪي لکين ماڻهن کي بنا ڪنهن مخصوص الزام جي شڪ جي دائري ۾ آڻي ڇڏين، ته پوءِ اهڙي عمل بابت قانوني ۽ اخلاقي سوال پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. نيب آرڊيننس 1999ع موجب قومي احتساب بيورو جو دائرو مخصوص معاملن ۽ مخصوص الزامن تائين محدود آهي، جنهن جي وضاحت پاڪستان سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي مختلف فيصلن ۾ ڪري چڪيون آهن. عدالتن مطابق ڪنهن به شهري يا سرڪاري ملازم خلاف ڪارروائي واضح الزامن، شفاف ثبوتن ۽ قانوني طريقيڪار جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. بنا ڪنهن مخصوص شڪايت جي هزارين ملازمن کي هڪ ئي وقت جاچ جي دائري ۾ آڻڻ انصاف جي بنيادي اصولن سان مطابقت نٿو رکي.
هن سڄي معاملي جو هڪ ٻيو اهم پاسو پڻ آهي. تعليم کاتي پاران جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته معلومات استادن جي ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن جي تصديق لاءِ طلب ڪئي پئي وڃي، پر ساڳئي وقت فارم ۾ اهڙا ڪيترائي سوال شامل ڪيا ويا آهن، جن جو ڊگرين جي تصديق سان ڪو به سڌو تعلق نظر نٿو اچي. بئنڪ اڪائونٽن، پگهارن، مالي رڪارڊ ۽ ٻين ذاتي معلومات جي طلب ڪيترن ئي نون سوالن کي جنم ڏئي ٿي. قانوني اصولن موجب ڪنهن به اداري کي اها معلومات طلب ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي، جيڪا ان جي جاچ جي مقصد سان سڌي ريت لاڳاپيل هجي. جيڪڏهن ڪنهن حڪم ۾ طلب ڪيل معلومات ۽ بيان ڪيل مقصد جي وچ ۾ منطقي تعلق موجود نه هجي ته اهڙو قدم غير متناسب ۽ غير معقول تصور ڪيو ويندو آهي. استادن جو اهو به مؤقف آهي ته سندن ڀرتي وقت ئي ڊگرين، سرٽيفڪيٽن ۽ ٻين دستاويزن جي تصديق ڪئي وئي هئي. ڪيترائي استاد ٽيهه کان پنجٽيهه سالن کان سرڪاري خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي رٽائرمينٽ جي ويجهو پهتل آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڏهاڪن پراڻي معلومات جي ٻيهر طلب نه رڳو انتظامي طور هڪ ڏکيو عمل آهي، پر ڪيترن ئي استادن لاءِ ذهني پريشاني ۽ هراساني جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي.
پاڪستان جو آئين هر شهري کي قانون موجب تحفظ، انساني وقار ۽ برابري جا بنيادي حق ڏئي ٿو. آئين جا آرٽيڪل 4، 9، 14 ۽ 25 واضح طور انهن حقن جي ضمانت ڏين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن حڪم جي نتيجي ۾ لکين ملازمن جي ذاتي ۽ مالي معلومات بنا واضح ضرورت جي گڏ ڪئي وڃي ته پوءِ بنيادي حقن بابت خدشا پيدا ٿيڻ لازمي آهن. جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سرڪاري ملازمن جي تصديق ۽ احتساب لاءِ جديد نظام اختيار ڪيا ويا آهن. ڊجيٽل رڪارڊ، بايوميٽرڪ تصديق، آن لائن ڊيٽابيس ۽ ٽارگيٽڊ آڊٽ ذريعي صرف انهن معاملن جي جاچ ڪئي ويندي آهي، جتي بي ضابطگين بابت واضح ثبوت موجود هجن. ڪنهن به جديد انتظامي نظام ۾ سمورن ملازمن کي گڏيل طور شڪ جي دائري ۾ آڻڻ مناسب طريقو نٿو سمجهيو وڃي.
سنڌ جي تعليمي نظام کي اڳ ئي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جن ۾ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن ۽ استادن جي کوٽ، تعليمي معيار ۾ گهٽتائي ۽ وسيلن جي محدود هجڻ جهڙا معاملا اڄ به موجود آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن استادن ۾ بيچيني ۽ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو ته ان جا منفي اثر تعليمي ماحول تي به پئجي سگهن ٿا. استادن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مخصوص ڀرتي، ڪنهن خاص ضلعي يا ڪنهن فرد بابت شڪايت موجود آهي ته قانون موجب ان جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، پر سموري استاد برادري کي هڪ ئي وقت شڪ جي دائري ۾ آڻڻ مناسب طريقيڪار نه آهي. احتساب جو مقصد انصاف هجڻ گهرجي، نه ڪي خوف يا غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ.
هن معاملي ۾ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي حڪمن بابت مڪمل وضاحت فراهم ڪن، جاچ جو دائرو واضح ڪن ۽ اهو يقيني بڻائين ته ڪنهن به سرڪاري ملازم جا آئيني ۽ قانوني حق متاثر نه ٿين. جيڪڏهن مقصد واقعي ڊگرين جي تصديق آهي ته پوءِ ان لاءِ هڪ واضح، محدود ۽ قانوني طريقيڪار اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ صرف لاڳاپيل معلومات طلب ڪئي وڃي. استاد هن قوم جو اصل سرمايو آهن، ان ڪري انهن جي عزت، وقار ۽ پيشيور تحفظ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. احتساب ۽ شفافيت ضروري آهن، پر انهن جي نالي تي اهڙا قدم نه کنيا وڃن جيڪي قانوني سوال پيدا ڪن يا لکين سرڪاري ملازمن ۾ بيچيني جو سبب بڻجن.