بنگلاديش ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 44 ڄڻا فوت

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري تيز برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ  44 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، ميڊيا رپورٽن موجب سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ چٽوگرام، ڪاڪس بازار، بندربن، رنگاماٽي، کاگراڇڙي، مولوي بازار ۽ حبي گنج شامل آهن، جتي تيز برساتن سبب ڪيترائي رستا ۽ پل تباهه ٿي ويا، هزارين گهر پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ امدادي سرگرمين ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اختيارين موجب لڳ ڀڳ 2 لک 68 هزار گهر سڌي ريت ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن، بنگلاديش جي فوج، بحريه ۽ امدادي ادارا ٻيڙين ذريعي ڏورانهن علائقن تائين خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي ۽ طبي امداد پهچائي رهيا آهن، ڪاڪس بازار ۾ قائم روهنگيا پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ پڻ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا آهن، اختيارين خبردار ڪيو آهي ته مسلسل برساتن سبب وڌيڪ مٽيءَ جا دڙا ڪرڻ جو خطرو برقرار آهي، جنهن ڪري حساس علائقن مان ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي جاري آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش انهن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي برساتن، ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، جڏهن ته تازي قدرتي آفتن ملڪ جي ڪمزور بنيادي ڍانچي ۽ نشيبي علائقن کي درپيش مسئلن کي هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like