ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون سلسلو

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون ۽ طاقتور برساتي سلسلو داخل ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور  سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز برساتون پيون، جنهن سبب سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو، برساتن دوران ڪجهه شهرن جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، رپورٽن موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات سبب شهرين کي گرمي ۽ حبس مان وڏي راحت ملي، جڏهن ته گجرات ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪارن سبب ڪيترائي هيٺاهيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، لاهور، حافظ آباد، ڊسڪا، وزيرآباد، جهلم، فيروزوالا، سيالڪوٽ، ميانوالي، ڀلوال ۽ ڀيره سميت ٻين شهرن ۾ پڻ گجگوڙ سان تيز برساتون پيون جنهن سان موسم مڪمل طور تبديل ٿي ويو ۽ گرمي جي شدت گهٽجي وئي، ٻئي طرف نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) برساتن جي نئين سلسلي کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته مسلسل برساتن سبب اترين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو سخت خطرو موجود آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي جبلائي علائقن ۾ اوچتي ٻوڏ اچڻ جو به امڪان آهي، اين ڊي ايم اي مقامي انتظاميا، رهواسين ۽ سياحن کي احتياط ڪرڻ، غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like