سکر/شڪارپور (رپورٽ: رستم انڍڙ/ ذوالفقار مگسي) سکر ۽ شڪارپور ضلعن ۾ جهيڙيندڙ جتوئي ۽ مھر برادرين جي خوني تڪرار بابت سرڪٽ هائوس ۾ جرڳي جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، ٻنهي ڌرين مٿان 18 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏنڊ جي فتويٰ ڏني وئي، سرڪٽ هائوس ۾ سردار علي گوهر خان مهر ۽ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي تڪرار جو جرڳو ٿيو هو، جرڳي ۾ سردار علي گوھر خان، مھر غوث بخش خان مھر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خان جتوئي، مير عابد خان جتوئي، امير حسين خان جتوئي، عارف خان مھر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جرڳي جي رهيل فتويٰ ڪالهه جاري ڪئي وئي، في خون جي بها 25 لک روپيا مقرر ڪئي وئي، جرڳي بابت گڏ ڪيل رپورٽن موجب ڌرين جا مجموعي 60 خون ۽ 92 ڄڻا زخمي ثابت ٿيا، جرڳي ۾ مهرن جا 33 خون ۽ 55 زخمي ثابت ٿيا، جتوئين جا 27 خون ۽ 37 زخمي ثابت ٿيا، جتوئي برادري جي حملي ۾ مارجي ويل مهر برادري جي گهوٽ جو عيوضو 45 لک مقرر ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 18 ڪروڙ 51 لک 16 هزار رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، جتوئي ڌر مٿان مجموعي طور 9 ڪروڙ 68 لک 16 هزار رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، جرڳي ۾ مهرن جي ڌر مٿان مجموعي طور 8 ڪروڙ 83 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڦر ٿيل سامان جي واپسي ۽ ٿيل نقصان جي ڪاٿي بابت ڪميٽي قائم ڪئي وئي،فتويٰ ٻڌائيندڙ چيو ته اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 40 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويندو، ذريعن موجب فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ٻنهي ڌرين کي پابند بڻايو ويو،جڏهن ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ به ضروري قدم کنيا پيا وڃن، ذريعن موجب فتويٰ ۾ سکر ۽ شڪارپور ۾ مارجي ويل هڪ جتوئي ۽ هڪ مهر برادري جي فردن بابت ڌرين جي انڪار سبب ساک رکي وئي، جڏهن ته ڦر ٿيل ۽ نقصان پهتل سامان جي واپسي ۽ ڪاٿي لاءِ ايم اين اي محمد شهريار خان مهر ۽ مير عابد حسين خان جتوئي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جرڳي جي فتويٰ موجب مستقبل ۾ اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 40 لک رپين جو اضافي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس هٿان مارجي ويل جتوئي برادري جي ٽن ڄڻن واري واقعي جو ذريعن موجب متاثرن کي پوليس هٿان عيوضو ڏياريو ويو، فيصلي جي فتويٰ بابت ڌرين کي سکر نه گهرايو ويو هو، ذريعن موجب اڄ ٻنهي ڌرين کي ڌار ڌار پنهنجي برادرين جي هائوسن تي طلب ڪري تفصيل سمجهايا ويندا، فتوا موجب عيوضو ٿيڻ کان پوءِ ڌريون بيان ڦيرائينديون ۽ ان جو خرچ جوابدار ڌر برداشت ڪندي، عيوضي جي ڪٽ سٽ نه ڪئي ويندي، سڌيءَ ريت متاثرن کي عيوضو ڏنو ويندو، واضح رهي ته مھر ۽ جتوئي برادري جو ڪجهھ عرصو اڳ سکر سرڪٽ هائوس ۾ جرڳو ٿيو هو جنهن جي فتويٰ رھيل ھئي جيڪا ڪالهه ڏني وئي ۽ جڏهن ته ڌرين جو ٿيل نقصانن بابت ڪاميٽيون مقرر ڪري واقعي واري هنڌ ڏسي ان کان پوءِ فيصلو ڏنو ويندو،