هڪ هفتي ۾ پيٽرول تي ليوي ۾ 15 رپيا 86 پيسا واڌ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت صرف هڪ هفتي جي دوران پيٽرول تي ليوي 15 رپيا 86 پيسا في ليٽر وڌائي  ڇڏي.انگن اکرن موجب، جيڪڏهن حڪومت پيٽروليم ليوي ۾ اهو اضافو نه ڪري ها ته اڄ پيٽرول جي قيمت موجوده اگهه کان 15 رپيا 86 پيسا في ليٽر گهٽ هجي ها. ان صورت ۾ پيٽرول جي قيمت 310 رپيا 71 پيسن جي بجاءِ 294 رپيا 85 پيسا في ليٽر ٿئي ها.3جولاءِ تائين پيٽرول تي پيٽروليم ليوي 64 رپيا 14 پيسا في ليٽر هئي، جنهن کانپوءِ حڪومت 4 جولاءِ کان ليوي ۾ 6 رپيا 22 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو، جڏهن ته 11 جولاءِ کان وڌيڪ 9 رپيا 64 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو.انهن ٻنهي اگهن ۾  اضافي کانپوءِ پيٽرول تي پيٽروليم ليوي وڌي ڪري 80 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽرول جي موجوده قيمت 310 رپيا 71 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like