پ پ سميت ڪنهن به پارٽي سان ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي: امير بخش ڀٽو

حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) سينيئر سياستدان امير بخش ڀٽو چيو آهي ته پ پ سميت ڪنهن به پارٽي سان ڪا ايڊجسمينٽ نه ٿي آهي، افواهه ڪوڙا آهن، صرف سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون هلن پيون، اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، حيدرآباد ۾ فرنٽ جي اڳوڻي اڳواڻ ايوب شر جي امڙ جي وفات تي تعزيت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي امير بخش ڀٽو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳرائي ڪري منهنجي والد سينيئر  سياستدان ممتاز ڀٽو جي وفات تي تعزيت لاءِ آيو هو، مان به پوءِ شهيد بينظير ڀٽو جي تعزيت لاءِ بلاول سان ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو ملاقات ۾ ڪا به سياسي ڳالهه نه ٿي هئي، ملاقات کي سياسي رنگ ڏنو ويو، اڄ به اصولن واري سياست تي قائم آهيون، ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، اسان جو پهريون مقصد سنڌ ۽ پاڪستان جي خدمت ڪرڻ آهي، ڪو به اتحاد ٿيو ته عوام کي آگاهه ڪيو ويندو، ڪاميابي انهن کي ملندي آهي جيڪي اصولن تي قائم هوندا آهن.

 

You might also like