حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ ،زمينون، وسيلا وڪڻي سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجن جو آواز دٻائڻ لاءِ ٽوپي ڊرامو ڪري مرسون مرسون جي نعري ۾ سنڌي ماڻهن جي احتجاجن جو آواز دٻائڻ چاهين ٿا. پيپلزپارٽي درياءَ کپائي، ڪئنالن جي اجازت ڏئي وري چون ٿا مرسون مرسون درياءَ نه ڏيسون اٺ ڪروڙ سنڌي ماڻھو توھان جي ڊرامي بازين کي ھاڻي سمجهي ويا آهن،هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌي قوم جي هر شيء سنڌ جو پاڻي، زمينون، تيل، گيس، بندرگاھ، ڪوئلو سميت سڀ شيون ڏئي ڇڏيو آھن.سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ مرسون مرسون احتجاجن جو ڊرامون ڪري رھي آھي،هن چيو ته سنڌي ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌ دشمن منصوبن خلاف مسلسل اڻٿڪ طويل جدوجهد جاري رکڻي آهي پرامن جدوجهد ذريعي ڪاميابيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون. پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪندي آهي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سردارن، وڏيراشاهي، جاگيرداري نظام کي طاقتور بنايو آھي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ ڏوھاري ماڻھن جو راڄ آھي. هن چيو ته سنڌ کي سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي مان نجات ڏيارڻي پوندي. بدامني، منشيات، قبلائيت دھشتگردي، ڪرپشن مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ حڪمرانن نجات ڏيارينداسين.