ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي سڏ تي "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون” جي عنوان ھيٺ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا،ڀارتي آبي جارحيت خلاف نعرا،تفصيلن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزنل سيڪريٽريٽ کان مرسو مرسو سنڌ نه ڏيسون جي نعري هيٺ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه، حيدرآباد ضلعي جي صدر ۽ ايم اين اي سيد طارق حسين شاهه ڄاموٽ، سينيئر نائب صدر اظهر سيال، جنرل سيڪريٽري وسيم راجپوت، انفارميشن سيڪريٽري عمير مولا بخش چانڊيو، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري اسد ابڙو، ڊپٽي ميئر حيدرآباد، صغير احمد قريشي، پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سيد فياض علي شاهه، وومين ونگ حيدرآباد ضلعي جي صدر صنم ٽالپر ۽ ٻيا شامل هئا. ريلي کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته پاڪستان سان جڏھن به ڪو مسئلو ٿيندو آھي ته پ پ پھل ڪندي آھي. هاڻي به چيئرمين بلاول ڀٽو پاڪستان کي بچائيندو ۽ جڏھن به پاڙيسري ملڪ پاڻي ۽ پاڪستان تي حملو ڪندو ته ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڀارت پاڻي روڪڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. پاڻي گهٽ ٿيڻ سان پاڪستان سان گڏ سنڌ صوبو به سخت متاثر ٿيندو اسان هتي پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين ملڪ ۽ پاڻي جو دفاع ڪنداسين.سنڌو بچائڻ نڪتا آهيون،ڪو به ڪئنال ٺاهڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، خيرپور ۾ منير حسين منگي، عتيق ڦلپوٽو، فتح محمد رند عبدالوحيد شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،ميرپورماٿيلي ۾ مير بابر علي خان لنڊ ضلعي چيئرمين بنگل خان مھر ، سڪندر لاکو عبدالغفار وسير جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ميرپورخاص ۾ ريلي ۾ شريڪ جيالن "مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون” جا زوردار نعرا هنيا ۽ ڀارت خلاف احتجاجي نعريبازي ڪئي. ٺٽي ۾ صادق ميمڻ، اڳوڻي سنيٽر سسئي پليجو، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، امتياز قريشي، حميد سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تـ ھندستاني وزيراعظم مودي ھڪ فاشسٽ چھرو آھي جيڪو پاڪستان جي حصي جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو جنھن تي پاڪستان پيپلز پارٽي سموري ملڪ ۾ سراپا احتجاج آھي ملير ۾ احتجاجي مظاھري ۾ ايم اين اي شھلا رضا، پ پ ملير جي صدر راجا عبدالرزاق بلوچ ، جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، ايم اين اي آغا رفيع الله ، صوبائي وزير شاھينا شير علي، ايم پي اي ساجد جوکيو، ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ ،ايم پي اي اعجاز سواتي ،معاون خصوصي امان معسود ، ٽائون چيئرمين ابراهيم حيدري نظير احمد ڀٽو ٽائون چيئرمين ملير جان محمد بلوچ سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ "مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون” جا نعرا ھنيا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڀارت سرڪار پاڪستان ھٿان تاريخي شڪست کائڻ بعد بوکلاھٽ جو شڪار بڻجي چڪي آھي جنھن ڪري پاڻي بند ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي رھي آھي اسان مودي سرڪار کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته جيڪڏھن پاڻي بند ڪيو ويو ته ته اسان سندس ساھ بند ڪري ڇڏينداسين مظاھري کي شاجھان خان ،مرتضا يار محمد،علي احمد جوکيو ،اورنگزيب خان ،آغا طارق پٺاڻ ، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،ٽنڊي محمد خان ۾ ضلعي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد اعجاز شاهه بخاري ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم ڪريم سومرو ريلي جي اڳواڻي ڪئي، سيد اعجاز شاهه بخاري سيد سلال شاهه،سيد شاهنواز شاهه، مير حسن ملاح چيو ته درياء سنڌ، سنڌ جي ماڻهن جي زندگي، زراعت ۽ معيشت جو بنياد آهي، ان جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي زيادتي يا قبضي کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو. ٽنڊي الهيار ۾ پ پ پ ضلعي صدر ظهير عباس پتافي جي اڳواڻي ۾ پتافي هائوس کان بڪيرا روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ پ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن به پاڪستان کي ڪو خطرو هوندو آهي ته پيپلز پارٽي اڳيان هوندي آهي ۽ سنڌ کي ڪو خطرو آهي ته پيپلز پارٽي ميدان تي لٿل آهي. ڪنھن کي به پاڪستان يا وري سنڌ کي ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين. مٽياري ۾ ضلعي صدر پير امير علي شاهه هاشمي ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري سيد فضيل حبيب شاهه جي اڳواڻي ۾ "مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون” جي عنوان سان هاشمي امام بارگاهه کان مٽياري پريس ڪلب تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. بدين ۾ضلعي صدر ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل بدين ڄام علي اصغر هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو پارڪ کان بدين پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت تائين هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڄام علي اصغر هاليپوٽو، ڊاڪٽر سجاد علي چانڊيو، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، صوبائي وزير اسماعيل راهو، علي بخش عرف پپو شاهه، ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه پاڪستان جي حياتي، زراعت ۽ معيشت جي بقا جو بنياد آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ ضلع صدر مير گل محمد خان جکراڻي،مير الطاف احمد کوسو،شير محمد خان سھرياڻي،شمن علي باجڪاڻي،سينئر گل محمد خان جکراڻي.ـرضا محمد چاچڙ ـ غلام رسول ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،شڪارپور ۾ مير احمد خان ڀيو ذوالفقار خان ڪماريو،وسيم الدين صديقي جي اڳواڻي ۾ نوشهروفيروز ۾ ضلع چيئرمين سهيل اختر عباسي، ايم اين اي ذوالفقار بهڻ، مسرور احمد راڄپر،دوست علي سولنگي،نظير احمد ميمڻ، پير خالد سيف الله سهروردي،غلام رسول ڀرٽ،امجد علي چانڊيو،عبدالرزاق ڀرٽ ،ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي’ ميمڻ،محمد ياسين چانڊيو،سيد غلام مرتضي شاه عبدالوحيد عباسي، خان محمد اعواڻ،روشن علي وسطڙو،نبي بخش لاکو۔ اشفاق احمد تڳر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي،سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته ڀارت آبي جارحيت بند ڪري،اسان کي جنگ تي مجبور نه ڪيو وڃي