ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي ماشڪيل ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پنج پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو، آپريشن شعبان ۾ وڌيڪ ٽي دهشت گرد مارجي ويا، بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي علائقي ماشڪيل ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پنج پورهيت قتل ٿي ويا، پوليس موجب هٿياربندن هڪ دڪان تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجئي مزدور حياتيون وڃائي ويٺا، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٿيل سڀئي مزدور صوبي کان ٻاهر جا رهواسي هئا، ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لاشن کي سندن اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي، بلوچستان جي وڏي وزير جي خاص مددگار شاهد رند واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث عنصر قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا، حڪومت ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ٻئي طرف پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس پاران جاري گڏيل ”آپريشن شعبان“ دوران وڌيڪ 3 دهشت گرد مارجي ويا، سيڪيورٽي ذريعن موجب تازين ڪارروائين کان پوءِ آپريشن دوران مارجي ويل دهشت گردن جو انگ 67 ٿي ويو، جڏهن ته 5 جولاءِ کان هيل تائين مجموعي طور 105 دهشت گرد ماريا ويا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو، سندس چوڻ هو ته گڏيل ڪارروايون قومي سلامتي جي تحفظ واري عزم جو اظهار آهن ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن مڪمل قوت سان جاري رهندو.