پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سولنگي جي بازيابي لاءِ ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جي شرڪت

سکر (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر شمشاد ٻپڙ، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مقبول راهوجو ۽ علي محمد وڪو ٻٻرلو پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سولنگي جي بازيابي لاءِ لڳل احتجاجي ڌرڻي ۾ پنهنجي وفد سميت شرڪت ڪئي.ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سولنگي سميت ڪيترا ئي ٻارڙا اغوا ڪيا ويا آهن، ان باوجود سنڌ سرڪار ڌاڙيلن خلاف ڪا اثرائتي ڪاروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته هو  سمورن مغوين جي محفوظ ۽ جلد بازيابي کي يقيني بڻائين.نور احمد ڪاتيار چيو ته پريا ڪماري  سميت معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن کي سرڪاري سردارن جي سرپرستي حاصل آهي. پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيل جو نالو  سامھون اچڻ باوجود گهرو وزير ڌاڙيل کي بچائڻ لاءِ ان جو نالو ڳجهو رکيو آهي شمشاد ٻپڙ خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار جي سنڌ سرڪار قبائلي سردارن ۽ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري سنڌ کي عورتن ۽ ٻارڙن لاءِ غيرمحفوظ بڻائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like