احتجاج ۾ شاگرد شامل ٿيا ته ذميوار ايڪشن ڪميٽي هوندي: آزاد ڪشمير حڪومت

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي پنهنجي 14 ۽ 15 جولاءِ جي احتجاج ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شرڪت جي اپيل ڪئي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جو اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان جي مڪمل ذميواري پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي تي هوندي.آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ۽ پوليس جي ترجمان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته حڪومت هميشه ڳالهين، مفاهمت ۽ عوامي مسئلن جي حل کي ترجيح ڏني آهي. هنن موجب، 4 آڪٽوبر 2025ع واري معاهدي تحت عوامي ايڪشن ڪميٽي جا 38 مطالبا عوامي مفاد ۾ منظور ڪيا ويا هئا، پر بعد ۾ ڪميٽي بنيادي حقن جي مطالبن کان هٽي رياست مخالف سرگرمين ڏانهن مائل ٿي، جنهن سبب قانون موجب ان تي پابندي لڳائي وئي.ترجمان چيو ته گذريل 36 ڏينهن  کان جاري ڌرڻي سبب پونڇ ڊويزن ۾ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي سخت متاثر ٿي آهي. شاهراهن ۽ رابطا روڊن جي بندش سبب عام شهرين جي اچ وڃ معطل رهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ خوراڪ ۽ عام واهپي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي.هنن جو چوڻ هو ته حڪومت جي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته بند رستا کوليا وڃن، پر هر ڪوشش دوران پابندي مڙهيل ڪميٽي طرفان مزاحمت ۽ فائرنگ کي منهن ڏيڻو پيو.ترجمان موجب، شجاع آباد ۾ رستو کولڻ واري ٽيم تي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ ٻيلن مان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا. ارجه جهنڊاله ۾ رستو بحال ڪرڻ دوران بلڊوزر تي فائرنگ سبب آپريٽر زخمي ٿيو، ۽ کيس اسپتال منتقل ڪرڻ وقت سيڪيورٽي فورسز تي پڻ فائرنگ ڪئي وئي. ان کان علاوه، خوراڪ کڻي ويندڙ ٽرڪن تي حملا، ڦرلٽ ۽ ڊيزل ڪڍڻ جا واقعا به رپورٽ ٿيا، جيڪي حڪومت موجب پرامن احتجاج جي عڪاسي نٿا ڪن.ترجمان وڌيڪ چيو ته اطلاعن موجب عورتن ۽ ٻارن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سامهون انساني ڍال طور استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، ۽ ڪجهه عورتن ۽ ٻارن کي سندن مرضي خلاف ڌرڻي ۾ ويهارڻ جون به خبرون مليون آهن. هنن اهو پڻ الزام لڳايو ته عورتن ۽ ٻارن جي هٿن ۾ قرآن پاڪ ۽ اڇا جهنڊا ڏئي کين اڳيان آڻڻ جي رٿابندي ڪئي وئي، جنهن کي حڪومت مذمت جوڳو قرار ڏنو.ترجمان چيو ته پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي 14 جولاءِ جي احتجاج لاءِ شاگردن کي اسڪول ۽ ڪاليج جي يونيفارم ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته 15 جولاءِ جي لانگ مارچ دوران شاگردن کي يونيفارم ۾ مظفرآباد ڏانهن مارچ جي پهرين صف ۾ بيهارڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي.حڪومت خبردار ڪيو ته جيڪڏهن 14 يا 15 جولاءِ تي ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان جي سموري ذميواري پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي تي هوندي.ترجمان اهو پڻ واضح ڪيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جون عام چونڊون اڳواٽ اعلان ڪيل شيڊول مطابق ئي ٿينديون، ۽ چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي يا دير جو ڪو امڪان ناهي.

 

You might also like