هڪ سال دوران ڪراچي سوڌو سڄي ملڪ ۾ اٽي جي اگهن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڳڻپ واري اداري جي دستاويزن موجب گذريل هڪ سال دوران ملڪ جي سڀني وڏن شهرن ۾ اٽي جي اگهن ۾ غيرمعمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 10 جولاءِ 2025ع جي مقابلي ۾ 10 جولاءِ 2026ع تائين 20 ڪلو اٽي جو ٿيلو مختلف شهرن ۾ 806 رپين کان وٺي 1250 رپين تائين مهانگو ٿي ويو، رپورٽ موجب ڪراچي جا شهري اڳ وانگر اڄ به ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جتي 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت هڪ سال اڳ 1800 رپيا هئي، جيڪا وڌي 2900 رپين تائين پهچي وئي، دستاويزن موجب پشاور ۽ بنون ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلو 1250 رپيا، ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ 1200 رپيا، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 1173 رپيا، سکر ۾ 1140 رپيا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 1100 رپيا مهانگو ٿيو،اهڙي طرح گوجرانوالا ۾ 1083 رپيا، بهاولپور ۾ 1013 رپيا، سيالڪوٽ، ملتان ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ هزار رپين تائين واڌ ٿي، جڏهن ته فيصل آباد ۾ 950 رپيا، لاهور ۾ 850 رپيا ۽ سرگوڌا ۾ 806 رپيا اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1627 رپين مان وڌي 2800 رپيا، راولپنڊي ۾ 1613 مان 2786 رپيا، گوجرانوالا ۾ 1450 مان 2533 رپيا، سيالڪوٽ ۾ 1467 مان 2467 رپيا ۽ لاهور ۾ 1400 مان وڌي 2250 رپيا ٿي وئي، ساڳئي ريت فيصل آباد ۾ قيمت 1400 مان 2350 رپيا، سرگوڌا ۾ 1494 مان 2300 رپيا، ملتان ۾ 1533 مان 2533 رپيا، بهاولپور ۾ 1467 مان 2480 رپيا، حيدرآباد ۾ 1700 مان 2800 رپيا، سکر ۾ 1400 مان 2540 رپيا، لاڙڪاڻي ۾ 1500 مان 2500 رپيا، پشاور ۾ 1550 مان 2800 رپيا، بنون ۾ 1450 مان 2700 رپيا، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ 1600 مان وڌي 2800 رپيا ٿي وئي، رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته گذريل هڪ سال دوران ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ نمايان واڌ سبب عام شهرين تي مهانگائي جو بار وڌيڪ وڌي ويو.

 

You might also like