ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) سنڌ ۾ سرداري نظام خلاف ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪندڙام رباب چانڊيو پنهنجي نوجوان سئوٽ جي تازي قتل واري واقعي تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي ۽ بااثرسرداري نظام کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ام رباب چانڊيو چيو ته سندس سئوت رياض چانڊيو جا قاتل سري عام گهمي رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي وڊيوز جاري ڪري رهيا آهن ۽ هر هنڌ نظر اچي رهيا آهن پر سنڌ پوليس کين گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، مرتو چانڊيو مک قاتل آهي هو سري عام گهمي رهيو آهي، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي، جڏهن به پوليس ڪارروائي لاءِ نڪري ٿي ته بااثر سياسي ڌرين طرفان فون ڪالز ۽ دٻاءُ وجهي جوابدارن کي بچايو وڃي ٿو، جڏهن ته هڪ عام سپاهي تائين به خبر آهي ته اصل جوابدار ڪير آهن، ام رباب چانڊيو آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته پوليس کي سياسي اثر هيٺ نه آندو وڃي، قانون موجب بي خوف ڪارروائي ڪري قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، هوءَ هڪ ڌيءَ جي حيثيت سان سنڌ مان جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي خاتمي لاءِ بيٺل آهي ۽ رياستي ادارن جي ذميواري آهي ته کيس انصاف فراهم ڪن. هن ياد ڏياريو ته اٺ سال اڳ به سندس والد، ڏاڏي ۽ چاچي کي سرداري نظام کي چئلينج ڪرڻ سبب قتل ڪيو ويو هو پر عدالت مان جوابدارن جي بري ٿيڻ سان قاتلن جا حوصلا وڌيا، جنهن جو نتيجو ٽي ڏينهن اڳ سندس نوجوان سئوٽ جي قتل جي صورت ۾ نڪتو، ام رباب دعويٰ ڪئي ته سندس هر الزام ثبوتن تي ٻڌل آهي ۽ سردار چانڊيو، جيڪو اڳ پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪندو رهيو، هاڻي پنهنجن ماڻهن کي تحفظ، هٿيار ۽ گوليون فراهم ڪندي بي نقاب ٿي چڪو آهي،هن سردار چانڊيو کي چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن هو قانون ڄاڻي ٿو ته سياسي اثر استعمال ڪرڻ بدران عدالت ۾ اچي قانوني طريقي سان پنهنجو موقف پيش ڪري، مقتولن جي خاندان بابت طنز ۽ بي بنياد الزام هڻڻ سان سردار چانڊيو پنهنجي بزرگن جي عزت کي به نقصان پهچايو آهي، واقعي کان اڳ به هوءَ مسلسل سوشل ميڊيا ۽ بيانن ذريعي خطرن بابت آگاهه ڪندي رهي هئي، هن ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن صبح جڏهن ڳوٺ تي فائرنگ ٿي رهي هئي ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پر پوليس وقت تي نه پهتي، جيڪا سڄي نظام جي ناڪامي آهي، هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ مٿس يا سندس خاندان جي ڪنهن به فرد تي حملو ٿيو يا هوائي فائرنگ به ڪئي وئي ته ان جو سڌو ذميوار سردار چانڊيو هوندو ۽ ان جي خلاف ئي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، هوءَ ڪنهن به دٻاءُ يا ڌمڪي آڏو جهڪڻ واري ناهي ۽ پنهنجي قانوني جنگ جاري رکندي، هوءَ امام حسين عليه السلام جي فڪر جي پيروڪار آهي، تنهنڪري نه ٿڪي آهي، نه جهڪي آهي ۽ نه ئي شڪست قبول ڪندي. سندس عزم آهي ته سنڌ مان ظالماڻي سرداري نظام جي خاتمي ۽ پنهنجي خاندان سميت سڀني مظلومن کي انصاف ملڻ تائين پرامن قانوني جدوجهد جاري رکندي ۽ جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.