تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ واقعن تي سخت نظام آڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ جي واقعن جي روڪٿام لاءِ اهم فيصلو جاري ڪندي چيو ته جيڪو ادارو هراسمينٽ کي برداشت ڪري ٿو، اهو پنهنجي تعليمي مشن جي نفي ڪري ٿو، عدالت چيو ته عورت استادن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ هڪ سنگين، غيرقانوني ۽ اخلاقي قدرن جي خلاف عمل آهي، جيڪو نه رڳو فرد جي وقار ۽ تحفظ کي متاثر ڪري ٿو پر سڄي اداري جي ماحول کي به خراب ڪري ڇڏي ٿو،جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ حڪم ڏنو ته هر تعليمي اداري ۾ هراسمينٽ خلاف واضح پاليسي، اعليٰ اختيارين تائين شڪايت پهچائڻ جو موثر نظام ۽ اندروني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جيئن متاثر عورت استاد بنا ڪنهن خوف جي سڌي ريت شڪايت داخل ڪرائي سگهن، عدالت پنجن سالن جي سروس ضبط ڪرڻ واري کاتي جي سزا بحال ڪندي ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ فيصلي جون ڪاپيون وفاقي ۽ صوبائي اختيارين سميت لاڳاپيل محتسبن کي موڪلڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.

 

You might also like