وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ ٻن نياڻين ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال سان لاڳاپيل مبينا طبي غفلت واري معاملي ۾ وڌيڪ ٻن معصوم  نياڻين ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي وئي جنهن کان پوءِ متاثر ٻارن جو انگ وڌي 80 ٿي ويو، هڪ گهر جي ٻن ڀائرن کان پوءِ سندن ڀيڻ به ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿي وئي، 9 ورهين جي نياڻي جي والد عرفات ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ سندس 12 ورهين ۽ 3 ورهين جي ٻن پٽن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي هئي، جڏهن ته هاڻي 9 ورهين جي نياڻي جو ٽيسٽ به مثبت آيو آهي، نياڻي 2025ع جي آخر ۾ سيني جي انفيڪشن سبب وليڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي هئي. ٻئي ڪيس ۾ ميٽرول ڪالوني جي 3 ورهين جي نياڻي ۾ پڻ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي، جنهن جو علاج به ساڳئي اسپتال ۾ ٿيو هو، متاثر خاندانن چيو آهي ته واقعي جي مڪمل، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like