اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي حڪومت ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين آباديءَ جي واڌ تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ هاڻي ان شرح کي روڪڻ لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مان اميدون وابستا ڪري ورتيون آهن ته هو ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري.انگريزي روزاني اخبار ’ڊان‘ موجب، سينيٽ جي قومي صحت خدمتون ۽ سينيٽ جي انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي گڏيل اجلاس دوران وفاقي صحت واري وزير سيد مصطفيٰ ڪمال اهو انڪشاف ڪيو. سينيٽرن امير ولي الدين چشتي ۽ ثمينه ممتاز زهري جي گڏيل صدارت ۾ ٿيل ان اجلاس ۾ پاڪستان جي وڌندڙ آبادي ۽ مربوط پاليسي سڌارن جي ضرورت تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي وفاقي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف آباديءَ جي انتظام تي ڪيترائي اعليٰ سطحي اجلاس گهرايا آهن ۽ ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به ان ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي، جيڪو تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ کي روڪڻ لاءِ حڪومتي سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته موجوده نيشنل فنانس ڪميشن يعني اين ايف سي (NFC) ايوارڊ فارمولا، جنهن تحت 82 سيڪڙو وسيلن جي ورهاست آباديءَ جي بنياد تي ٿئي ٿي، اڻ سڌي طرح صوبن کي وڌيڪ آبادي وڌائڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڪو صوبو پنهنجي آباديءَ جي شرح کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اين ايف سي ۾ ان جو حصو گهٽجي وڃي ٿو ۽ وڌيڪ آبادي واري صوبي کي وڌيڪ فنڊ ملن ٿا. ان ڪري اين ايف سي فارمولي جو صرف 50 سيڪڙو حصو آباديءَ سان لاڳاپيل هجڻ گهرجي.“هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ساليانو لڳ ڀڳ 67 لک ٻارن جي پيدائش رڪارڊ ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن فيملي پلاننگ تائين وسيع پهچ فراهم ڪئي وڃي ته سالياني آباديءَ جي واڌ ۾ لڳ ڀڳ 15 لک ماڻهن جي ڪمي ڪري سگهجي ٿي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي قدمن تي ڪو به فرقيوارانه اختلاف ناهي.
وڌندڙ آبادي معيشت، وسيلن لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي:احسن اقبال
اسلام آباد(بيورو) منصوبابندي، ترقي واري فاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي معيشت، وسيلن ۽ عوام جي زندگي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجندي پئي وڃي.پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پاڪستان جي سربراهي ۾ نيشنل پاپوليشن ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي اڳواڻي وزيراعظم شهباز شريف پاڻ ڪري رهيو آهي،هن چيو ته پاڪستان جي آبادي واري مستقبل جو فيصلو رڳو ماڻهن جي تعداد نه، پر مؤثر پاليسيون ڪنديون. آبادي ۾ استحڪام ۽ انساني وسيلن جي ترقي وقت جي اهم ضرورت آهي.وفاقي وزير چيو ته قومي ترقي جي ايجنڊا ۾ آبادي جو مسئلو پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ۾ آبادي جي سالياني واڌ جي شرح 2.55 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پيدائش جي شرح 3.6 هجڻ سبب پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان مٿي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اها رفتار برقرار رهي ته 2050ع تائين پاڪستان جي آبادي لڳ ڀڳ 39 ڪروڙ ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري هاڻي کان ئي مؤثر منصوبابندي ضروري آهي.احسن اقبال چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي پاڻي، خوراڪ، علاج، تعليم، رهائش ۽ روزگار تي مسلسل دٻاءُ وڌائي رهي آهي، تنهن ڪري خانداني منصوبابندي کي قومي بجيٽ، معاشي منصوبن ۽ ترقياتي پاليسين جو اهم حصو بڻايو پيو وڃي هن چيو ته هر سال پاڪستان جي آبادي ۾ تقريباً نيوزيلينڊ جي آبادي جيترو اضافو ٿئي ٿو، جڏهن ته هر ٻن سالن ۾ آسٽريليا جي آبادي جيترا ماڻهو وڌن ٿا، جيڪو فوري ۽ اثرائتن قدمن جو تقاضو ڪري ٿو.