اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ حڪومتي فيصلن جو دفاع ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ تيار ٿيل پيٽرول جي اگهه جي بنياد تي مقرر ڪئي ويندي آهي، اقتصادي ماهر ڊاڪٽر فرخ سليم جي تبصري تي ردعمل ڏيندي علي پرويز ملڪ چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيار ٿيل پيٽرول مهانگو ٿيو، جنهن جو اثر پاڪستان تي به پيو، هن واضح ڪيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت سعودي آرامڪو جي ڪچي تيل جي اگهن تي نه، پر عالمي مارڪيٽ ۾ تيار ٿيل پيٽرول جي روزاني اگهن جي بنياد تي طئي ڪئي ويندي آهي، هلندڙ هفتي عالمي مارڪيٽ ۾ تيار ٿيل پيٽرول جي قيمت 88 ڊالر في بيرل کان وڌيڪ رهي، جڏهن ته 27 فيبروري 2026ع تي اها قيمت 76 ڊالر في بيرل هئي، پاڪستان پنهنجي ضرورت جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو پيٽرول ٻاهرين ملڪن مان درآمد ڪري ٿو، جنهن تي مال برداري، انشورنس ۽ ٻيا خرچ به شامل ٿين ٿا، علي پرويز ملڪ چيو ته پيٽرول تي هن وقت پيٽروليم ليوي ۽ ڪاربن سپورٽ ليوي سميت مجموعي طور 85 رپيا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته جنگ کان اڳ ٻنهي ليويز جي گڏيل رقم 86 رپيا 90 پئسا في ليٽر هئي، تنهن ڪري موجوده ليويز اڳ جي ڀيٽ ۾ تقريبن ٻه رپيا گهٽ آهن.