ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ خواجه اجمير نگري جي رهواسڻ 28 ورهين جي هڪ عورت ريبيز سبب فوت ٿي وئي، وارثن موجب عورت کي لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ هڪ ڪتي ڏاڙهيو هو، پر هن ريبيز کان بچاءَ واري ويڪسين نه لڳرائي، اسپتال انتظاميا موجب وقت سر ويڪسين نه لڳرائڻ سبب عورت ۾ ريبيز جي بيماري پکڙجي وئي، جيڪا سندس موت جو سبب بڻي، صحت کاتي موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ ريبيز سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ڪتي يا ڪنهن ٻئي شڪي جانور جي ڏاڙهڻ جي صورت ۾ فوري طور ويجهي اسپتال وڃي ريبيز کان بچاءَ واري ويڪسين ضرور لڳرائين.