ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ منشيات ڊيلر انمول عرف پنڪي خلاف قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيل اختيارين چيو ته جوابدار عورت کي اعتراض جوڳا ڪپڙا پائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، عدالت پنڪي جي جيل ۾ سهولتون نه ملڻ بابت درخواست تي ويمن جيل سپرنٽنڊنٽ کان وضاحت طلب ڪئي، جيل اختيارينعدالت کي ٻڌايو ته جوابدار عورت کي عام ڪپڙا گهرائي پائڻ تي ڪو اعتراض ناهي، پنڪي جو علاج سول اسپتال ۾ جاري آهي ۽ ڊاڪٽرن طرفان تجويز ڪيل سموريون دوائون کيس باقاعدگي سان فراهم ڪيون پيون وڃن، جيل اختيارين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ عدالت پنڪي جي جيل سهولتن بابت داخل درخواست اڪلائي ڇڏي ۽ وڌيڪ ڪارروائي مڪمل ڪئي، منشيات فروش پنڪي خلاف منشيات ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ٻن شريڪ جوابدارن ذيشان ۽ سهيل جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پوليس موجب جوابدارن خلاف گارڊن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي، جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار مبينا طور انمول عرف پنڪي جي گراهڪن کان ايندڙ رقم وصول ڪندا هئا، عدالت چيو ته چالان ۾ جوابدارن جو ڪردار واضح آهي.