ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس دوران صوبي جي مجموعي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال، ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي سيڪيورٽي، خطري جي صورتحال (ٿريٽ ميٽرڪس)، انٽيليجنس بنيادن تي کنيل سيڪيورٽي قدمن ۽ دهشتگردي جي روڪٿام بابت تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ دهشتگردن، ڏوهاري عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشنز وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ هر صورت ۾ رياست جي عملداري برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وڏي وزير مراد علي شاهه سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطن، انٽيليجنس جي ڏي وٺ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، جيئن پائيدار امن، عوام جي تحفظ ۽ رياست جي عملداري کي يقيني بڻائي سگهجي.پائيدار امن،رياستي رٽ،عوامي تحفظ لاءِ مربوط قدم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي، اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير، ڪور ڪمانڊر ڪراچي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي،وڏي وزير سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن جي مذمت ڪئي،هن چيو ته ڀارت جو هڪ طرفو فيصلو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي،ڀارت جو هڪ طرفو فيصلو سرحد پار دريائن جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي،سنڌ طاس معاهدو ڪو سياسي انتظام نه بلڪه پابند بين الاقوامي معاهدو آهي،هن چيو ته ڀارت وٽ معاهدو هڪ طرفو معطل ڪرڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي اختيار ناهي،پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ناقابل قبول آهي،سنڌودرياءَ پاڪستان جي شهه رڳ ۽ سنڌ جو روح آهي،درياءَ تي ڪا به جارحيت پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام تي جارحيت تصور هوندي،هن چيو ته پ پ هميشه پاڪستان جي آبي حقن جي تحفظن لاءِ مضبوط آواز اٿاريو،بلاول ڀٽو تاريخي معاهدي”مرسون مرسون سنڌو نه ڏيسون“ سان جذبات جي ترجماني ڪئي،اسان سفارتي، قانوني، آئيني، جمهوري طريقن ۽ مڪمل قومي ايڪتا سان درياءَ جو بچاءُ ڪنداسين،وڏي وزير وفاقي حڪومت کان ڀارتي قدمن کي عالمي فورمن تي اٿارڻ جو مطالبو ڪيو،هن چيو ته عالمي برادري پاڻي کي سياسي دٻاءُ جي آلي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش کي رد ڪري،سنڌ جو عوام سنڌودرياءَ،پاڪستان جي آبي حقن جي دفاع ۾ بلاول ڀٽو جي پٺيان بيٺو آهي،