نيلم جهلم رٿا ۾هڪ هزار چار سئو ارب رپيا ٻڏي ويا،ڪنهن جو به احتساب نه ٿيو؟

لاهور(امداد سومرو)نيلم جهلم پراجيڪٽ ۾ 5 ارب ڊالر ٻوڙيا ويا. جيڪڏهن اڄ جي ڊالر جي ريٽ مطابق حساب لڳايون ته اهي 13 سئو 90 ارب رپيا بڻجن ٿا.اڄ جڏهن پاڪستان هڪ هڪ ارب ڊالر لاءِ آمريڪا کي منٿون ڪري ٿو، تڏهن اسان جي ادارن هڪ اهڙو منصوبو جوڙيو جنهن ۾ 5 ارب ڊالر ته لڳي ويا پر اهو منصوبو صرف ۽ صرف چند مهينن تائين هلي سگهيو. ان سان گڏ هڪ ٻيو منصوبو "نئي گاج ڊيم” آهي، جنهن جي اصل ڊيزائن ڪجهه ارب رپين جي هئي پر ان تي 23 اربن جو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ منصوبو اتي جو اتي ئي پيل آهي. جڏهن ته  نيلم جهلم پروجيڪٽ بنيادي طور تي شروع ۾ ڪل 80 ارب رپين جو منصوبو هو، جيڪو وڌندي وڌندي 500 ارب رپين تائين پهچي  ويو. جڏهن مڪمل ٿيو ته ان وقت جي ڊالر ريٽ مطابق ان جي قيمت 4.7 ارب ڊالر بڻجي ٿي پئي، هي منصوبو ڪشمير (آزاد ڪشمير) ۾ بڻايو ويو ان جو تصور بنيادي طور تي 1989ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي دور ۾ واپڊا پاران پيش ڪيو ويو هو. 1992ع کان 1997ع: فيزيبلٽي ۽ ڊيزائن تي ڪم ٿيو.2008 ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ باقاعدي ڪم جو آغاز ٿيو.اپريل 2022ع: هي منصوبو مڪمل ٿيو ۽ تجارتي بنيادن تي بجلي جي پيداوار شروع ٿي ان منصوبي مان ڪل بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 969 ميگاواٽ هئي. يعني توهان 5 ارب ڊالر لڳائي به 969 ميگاواٽ بجلي پيدا نه ڪري سگهيا. ٽي چار مهينن کانپوءِ منصوبو بند ٿي ويو، جڏهن هي منصوبو ڊيزائن پئي ڪيو ويو، تڏهن به چيو ويو هو ته هي زلزلن جي مرڪز جي مٿان آهي. جيولوجيڪل سروي ان منصوبي لاءِ اهڙي رپورٽ ڏني هئي ته هي ممڪن ناهي، پر اسان پوءِ به بڻائي ڇڏيو. هن رٿا لاءِ چين  جي ايگزم بئنڪ کان قرض ورتو ويو. چائنا گيزهوبا گروپ ڪمپني  ۽ چائنا نيشنل اليڪٽرڪ انجنيئرنگ ڪمپني ٺيڪيدار ڪمپنيون هيون ڪنسلٽنٽ: آمريڪا جي ‘موهه’ (MWH) ۽ ناروي جي ‘نور ڪنسلٽ’ (Norconsult هيون سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد سعيد اعتراف ڪيو ته لڳ ڀڳ 5 ارب ڊالرن جي لاڳت سان بڻجندڙ پروجيڪٽ بند پيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي سرنگهن (ٽنلز) کي سخت نقصان پهتو آهي. ان جي مرمت هلي رهي آهي ۽ هي 2028ع تائين بند رهندو. هن اهو به واضح ڪيو ته جيولوجيڪل سروي ۾ ٻڌايو ويو هو ته هي علائقو زلزلن جي زون ۾ آهي. جڏهن ٻڌايو ويو هو ته پوءِ مونکي نٿو لڳي ته اتي ايترا پئسا لڳائڻ گهرجن ها. هاڻي ان ۾ ڪو سياستدان ملوث هجي يا نه، پر واپڊا هڪ اٿارٽي آهي جيڪا پاڻ فيصلا ڪندي آهي ته ڪنهن سان ڪم ڪرائڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرائڻو آهي.

 

You might also like