تيل سستو هجي ته خاموشي، ٿورو مهانگو ٿئي ته پورو بار عوام تي !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏوگڏ پيٽرول تي لاڳو پيٽروليم ليوي ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، وفاقي حڪومت پيٽرول تي في ليٽر ليوي ۾ 9 رپيا 64 پئسن جو اضافو ڪيو آهي. ان اضافي کانپوءِ پيٽروليم ليوي جي شرح هڪ ڀيرو ٻيهر 80 رپيا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ اها شرح 70 رپيا 36 پئسا في ليٽر هئي.ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي جي پراڻي شرح کي برقرار رکيو آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي في ليٽر پيٽروليم ليوي 70 رپيا 82 پئسا ئي رهندي.

 

You might also like