زيارت واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي:محمود اچڪزئي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي مجموعي سلامتي واري صورتحال  تي تفصيلي بحث ڪيو وڃي.اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي زيارت واري واقعي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.محمود خان اچڪزئي چيو ته ٻين ملڪن ۾ اهڙن واقعن کان پوءِ وزير استعيفائون ڏئي ڇڏيندا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته کيس آزاد ڪشمير وڃڻ کان روڪيو ويو، جڏهن ته هو پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيندو هو.پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ سردار اختر مينگل چيو ته موجوده مسئلن جو حل سياسي ڳالهين (ڊائلاگ) ۾ آهي، ۽ سياست ۾ برداشت ۽ رواداري لاءِ گنجائش هجڻ گهرجي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجه ناصر عباس چيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ سلامتيءَ جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سبب عوام ۾ مايوسي وڌندي پئي وڃي.

 

You might also like