لاهور/ڪراچي(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ کي مهانگائي، دهشتگردي، بلوچستان ۾ بدامني ۽ آزاد ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال جهڙا سنگين اندروني مسئلا درپيش آهن، جن جي بهتري لاءِ سنجيده قومي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. جماعت اسلامي سڄي صورتحال تي خاموش نه رهندي ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته عوام سان رابطا وڌيڪ وڌايا ويندا.هن انهن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏينهن منصوره لاهور ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي مجلس شوريٰ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. آزاد ڪشمير جي صورتحال کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي هن چيو ته علائقي ۾ سياسي عمل کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جا ابتدائي مطالبا ته قبول ڪيا ويا، پر بعد ۾ اسيمبلي ۾ رات پيٽ ۾ تبديليون ڪري اهڙي شخص کي وزيراعظم بڻايو ويو هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا آهي، هوڏانهن جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ پيٽروليم شين تي سرڪاري ليوي توڙي ڀتا خوري گھٽائڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر واڌ ڪري معاشي ڦيٿي تي لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو آهي. عوامي احتجاجن کي مان ڏيڻ بدران، حڪومت انڌي، ٻوڙي۽ ظالماڻا قدم کڻي رهي آهي. ھاڻي عوامي احتجاج ڌرڻن، شٽر ڊائون، ڦيٿا جام ۽ ڊگهن لانگ مارچن ڏانهن وڌي رهيا آهن. هڪ جعلي، ڪمزور، حڪومت عوامي احتجاجن جي سامهون ڪونہ بيهي سگهندي. جيستائين وفاقي، صوبائي حڪومتون ۽ سرڪاري ادارا پنهنجي عيش عشرت، مفت خوري، بدانتظامي ۽ غير قانوني غير ترقياتي خرچن کي نه ڇڏيندا، قومي معيشت بدحالي جي حالت ۾ رهندي.