ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)اڄ زيارت جي هر گلي، هر گهٽي سوڳوار آهي.“ اهو چوڻ آهي شمس الزمان جو، جيڪو صوبي بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ پنهنجي مائٽ پوليس اهلڪارن جي لاشن سان گڏ احتجاج ۾ شريڪ آهي.هن چيو ته ته زيارت پوليس فورس ۾ شامل اسان جا ڀائر ۽ مائٽ انتهائي بي وسي جي حالت ۾ موت جي منهن ۾ هليا ويا.21 اهلڪارن جي شهادت کانپوءِ 8 پوليس اهلڪارن جي لاشن سان گڏ وارث ڪوئيٽا شهر ۾ مطالبا مڃڻ تائين احتجاجي ڌرڻو هڻي ويٺا آهن.شمس الزمان سميت ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو موقف آهي ته اسان جي پيارن جي هڪ وڏي انگ کي مناسب انتظامن ۽ تياريءَ کان سواءِ ضلعي جي مختلف علائقن مان موڪليو ويو هو آصف خان جي لاش سان گڏ ڌرڻي ۾ شريڪ صابر خان جو دعويٰ آهي ته اسان جا پيارا رڙيون ڪري چئي رهيا هئا ته اسان کي گوليون پهچايو، پر اهي پهچائي نه سگهيون، جنهن جي ڪري اهي سڀ موت جي منهن ۾ هليا ويا،هوڏانهن بلوچستان حڪومت پاران ان واقعي جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مدد نه ملڻ واري تاثر کي رد ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملو ڪندڙن وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رکيو ته جيئن پوليس پوسٽ پنهنجو گولا بارود وڌ کان وڌ استعمال ڪري وٺي ۽ شام تائين پوسٽ جو گهڻو گولا بارود استعمال ٿي چڪو هو ن سانحي ۾ ڪواس پوليس اسٽيشن جو ايس ايڇ او صحبت خان به شهيد ٿيو، صحبت خان کي ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون آهن، ڌرڻي ۾ شريڪ وارثن ۽ ٻين شرڪاءَ ايتري وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن جي مارجي وڃڻ جي واقعي کي زيارت جي تاريخ جي وڏن سانحن مان هڪ قرار ڏيندي چيو ته ان سڄي ضلعي کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ڌرڻي ڪميٽي جي ميمبر عبدالفياض ٻڌايو ته، ”مقامي قبيلن جا ماڻهو آيا ۽ چيائون ته هو پنهنجي ڀائرن جي مدد لاءِ ويندا پر نه قبيلن جي ماڻهن کي وڃڻ ڏنو ويو ۽ نه انتظاميا پاڻ وئي،حڪومتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو هڪ المناڪ سانحو آهي پر ”بلوچستان پوليس غير معمولي بهادري ۽ جرات جو مظاهره ڪيو.“ ان رپورٽ ۾ انهن دعوائن جي ترديد ڪئي وئي آهي ته پوليس اهلڪارن وٽ هٿيارن جي کوٽ هئي.امن دشمن عنصرن ۽ مختلف ايجنڊا رکندڙ حلقن پاران گمراهه ڪندڙ معلومات ۽ پروپيگنڊا پکيڙي پئي وڃي