آزاد ڪشمير ۾ چونڊ گهماگهمي نه هئڻ برابر

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز) آزاد ڪشمير ۾ قانون ساز اسيمبليءَ جون چونڊون هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن جڏهن خطي ۾ ڪالعدم جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي لانگ مارچ جي اعلان کي نظر ۾ رکندي اتان جي حڪومت پاڪستان جي وفاقي حڪومت کان سيڪيورٽي فورسز جي اضافي نفري گهري آهي.اليڪشن ڪميشن موجب 27 جولاءِ جي چونڊن ۾ 45 تڪن تان 852 اميدوار حصو وٺندا. 24 رجسٽرڊ سياسي پارٽين کان علاوه آزاد اميدوارن کي به نشان الاٽ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ووٽرن جو ڪل انگ 23 لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ ٻڌايو ويو آهي.پر انهن 45 تڪن مان ڪشميري مهاجرن لاءِ مخصوص ٿيل 12 تڪ اهڙا آهن جن جي مخالفت ڪالعدم ٿيل ڌڙي عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران ڪئي پئي وڃي. اهو ان جي انهن مطالبن  ۾ شامل آهي جنهن جي حق ۾ هن 15 جولاءِ تي راولا ڪوٽ کان مظفرآباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي.مبصرن جي راءِ آهي ته انهن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ سندن حامي ماضيءَ وانگر هن ڀيري پنهنجي چونڊ مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي نظر نه پيا اچن. ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته انهن چونڊن کان اڳ اميدوارن پاران چونڊ جلسا ۽ ريليون ڪڍڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪارنر ميٽنگون به نه هئڻ جي برابر آهن، پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ته پري جي ڳالهه پر هينئر تائين انهن پارٽين جي مقامي قيادت به پنهنجي اميدوارن جي حق ۾ ڪا وڏي چونڊ مهم ناهي هلائي سگهي.اپوزيشن جي سڀ کان وڏي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) انهن چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، پي ٽي آئي قيادت ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي جي مطالبن جي حمايت ڪري رهي آهي.مقامي صحافي فرحان طارق موجب اميدوار ننڍڙا پمفلٽ ڇپائي پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، نويد عباسي جو پرنٽنگ جو ڪاروبار آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته چونڊ عمل ۾ ماڻهن جي عدم دلچسپي ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج جي ڪال جي ڪري سندن ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر جو هڪ بيان سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي جنهن ۾ هن هڪ شخص تي مٿس پاڻي جي بوتل اڇلائڻ جو الزام لڳايو. مسلم ليگ نواز جي اميدوار مشتاق منهاس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين چونڊن وارو اهو ماحول ناهي ٺهي سگهيو جنهن جي توقع هئي.جڏهن ته  راولا ڪوٽ ۾ڪالعدم تنظيم عوامي ايڪشن ڪميٽي پنهنجي مطالبن جي حل لاءِ گذريل هڪ مهيني کان ڌرڻو هڻي ويٺي آهي. ڪمشنر پونڇ ڊويزن سردار وحيد خان جو چوڻ آهي ته انهن پنجن تڪن ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب چونڊ مهم نه پئي هلائي وڃي. صحافي ۽ تجزيه نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جو موقف ايترو ته مقبول ٿي چڪو آهي جو ان کي طاقت جي زور تي دٻائڻ جي باوجود گهربل نتيجا نه پيا ملن، هن دعويٰ ڪئي ته جيڪا سياسي پارٽي ڪالعدم تنظيم جي موقف کان هٽي ڪري پنهنجو بيانيو پيش ڪري ٿي، ان کي عوام ۾ پذيرائي نه پئي ملي. هن چيو ته ماڻهو پارٽين جي منشور ڏانهن ڌيان ئي نه پيا ڏين. حامد مير موجب، ن ليگ ۽ مسلم ڪانفرنس جي اميدوارن کي عوام ۾ ڪا پذيرائي نه پئي ملي ۽ جن چونڊن ۾ عوام جي دلچسپي نه هجي، تن جي ساک تي سواليا نشان لڳي ويندو آهي.

 

You might also like