خيريت سان آهيان، ابوظهبي ۾ طبي چڪاس ڪرائي:ناصر شاهه

سکر(رپورٽ سيد نعيم شاھ)سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه پنهنجي صحت بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته هو مڪمل خيريت سان آهن ۽ صحتيابي جي مرحلي مان گذري رهيا آهن.سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي جاري ڪيل  بيان ۾ هن ٻڌايو ته هو چار کان پنج ڏينهن اڳ هڪ معمولي طبي طريقيڪار (ميڊيڪل پروسيجر) لاءِ ابوظهبي ويا هئا، جتي ڪامياب علاج کان پوءِ کين ٻه ڏينهن اڳ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو.ناصر حسين شاهه چيو ته هو جلد ئي وطن واپس پهچي ويندو. هن پنهنجي صحت بابت پريشاني ظاهر ڪندڙ عوام، دوستن، ساٿين ۽ ڪارڪنن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي نيڪ خواهشن، فون ڪالن، پيغامن ۽ دعائن تي هو سڀني جو بيحد شڪرگذار آهي.

 

You might also like