حيدرآباد /سڪرنڊ/شجاع آباد (پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، اجالا پروين ۽ پريا ڪماري جي اغوا، ڪاروڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌياڻي تحريڪ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 31ھين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنڌ مارچ ۽ ڪارنر گڏجاڻيون منعقد ڪيون ويون ان سلسلي ۾ سڪرنڊ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي، جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شمائلا ڪيريو، قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، قومي عوامي تحريڪ ضلعي نواب شاھ جي صدر نادر لغاري، مشتاق ماڃوٺو، رسول بخش لغاري، نصرالله جمالي، مهتاب جمالي، امداد ڪيريو، عمران زنئور، علي خان مري، محمد حسن پلھ، شاهنواز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاظمي سينٽر کان پنڌ مارچ ڪري سينيما چوڪ وٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، شجاع آباد جي ڳوٺ سمن، ڳوٺ ماڌو ڪولھي، ڳوٺ کٽياڻ ۾ متحد ۽ مضبوط سنڌ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون جنهن کي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاڙي، قومي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي صدر مقصود ڀرڳڙي،رازو ڪولھي ،ڪامريڊ منور سمون، فقيرو مل ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته حيدرآباد جي ٻھراڙي واري علائقي ڳوٺ اڪبر بروھي، باگراڻي ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي، نورحسن جمالي، خير محمد چانڊيو، جمن سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو متحد ۽ مضبوط سنڌ مهم جي سلسلي ۾ ھينڊبل تقسيم ڪيا ويا ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي زرعي معيشت کي تباھ ڪيو ويو آھي، سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني بدران ڌاڙيلن، سردارن ۽ جاگيردارن جو پنھنجو راڄ آھن، قبيلائي تڪرار ۽ انتھاپسندي کي وڌائي سنڌي ماڻھن کي ھڪٻئي سان ويڙھايو پيو وڃي. وسيلا وڪڻڻ کانپوءِ حڪمران سنڌ جي وحدت جا سودا ڪري رھيا آھن، ميرٽ جو قتل ڪيو ويو آھي. پبلڪ سروس ڪميشن کانپوءِ ھڪ کان 4 گريڊ جون نوڪريون به وڪرو ڪيون پيون وڃن. عوام بنيادي حقن کان محروم آھي. بجلي، گئس ۽ پاڻي ناھي. سنڌ ۾ دھشت ۽ ڦرلٽ جو نظام آھي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته بدامني، منشيات، ڪرپشن ۽ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، قانون ۽ آئين کي ڪتابن ۾ بند ڪيو ويو آھي، جرڳا ڪري بيگناھ ماڻھن جا خون لوڙھيا وڃن ٿا، قاتلن کي وري نئين دھشتگردي لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو.سالن کان فضيلا سرڪي، پريا ڪماري اغوا آھي، دادو مان معصوم اجالا پروين کي به اغوا ڪيو ويو آھي، سنڌ مان 16 کان وڌيڪ ٻار اغوا آھن، انھن جي بازيابي لاءِ سکر ۾ ڌرڻو لڳل آھي پر حڪمران اکيون ۽ ڪن بند ڪيو ويٺا آھن، شمائلا ڪيريو خطاب ڪندي چيو ته عورتن، اقليتن، ٻارن کي تحفظ ناھي. سڄو حڪومتي نظام عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بدران صرف حڪمران طبقي جو محافظ بنيل آھي. پسند جا رکيل آفيسر حڪمرانن جي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رھيا آھن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌي ماڻھن لاءِ نو گو ايريا ٺاھيا ويندا، زمينن تي قبضا ڪيا ويندا، جتي سنڌي ماڻھن کي وڃڻ جي اجازت نه ھوندي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ بچيل سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ ڪيو ويندو ڪرپٽ حڪمران روزانون نوجوانن جي اميدن جو قتل ڪن ٿا، محنتي ۽ ذھني شاگردن بدران پئسا ڏيندڙ سرمائيدار، جاگيردار ۽ حڪمران طبقي جي ٻارن کي مسلط ڪن ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي نواب شاھ ضلعي جي صدر نادر لغاري خطاب ڪندي چيو ته 18 سالن جي حڪمراني دوران پيپلز پارٽي جي ڪرپشن سسٽم جو حصو بڻجي وئي آھي.انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عام ڳالھ ٿي وئي آھي، نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون، اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪري انھن جون شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني بدران جرڳائي سردار پنھنجي عدالت لڳايو ويٺا آھن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، ارسا سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻائي رھيو آھي، پنجاب سڄو سال پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ اضافو ٿيو آھي، آباد زمينون بنجر ٿي ويون آھن، ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري درياھ ۾ واري پئي اڏامي. انڊس ڊيلٽا ختم ٿي ويو آھي، جنھن ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي، سڄي سنڌ جو جر کارو ۽ زھريلو ٿي ويو آھي، مشتاق ماڃوٺو خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جي زير زمين پاڻي کي سسٽم ۾ شامل ڪري پاڻي ورڇ ۾ شامل ڪيو وڃي، سنڌ جو تيل، گئس وفاق کڻي سگھي ٿو ته پنجاب جو زير زمين پاڻي سسٽم ۾ ڇو شامل نٿو ڪيو وڃي، سڄي پنجاب ۾ ڪئنال سسٽم وڇائي زير زمين پاڻي کي مٺو ۽ زرعي استعمال جي قابل بڻايو ويو آھي. زير زمين پاڻي به درياھ جي ذريعي آھي، سنڌ ۾ درياھ جو پاڻي بند ٿيڻ ڪري زير زمين پاڻي زھريلو ۽ نقصانڪار ٿي ويو آھي، ٿر جي ڪاري سون تي وفاق قبضو ڪري بدلي ۾ بک ۽ بدحالي ڏئي رھيو آھي، غربت کان تنگ ماڻھو خودڪشيون ڪري رھيا آھن. عمران زنئور خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جا آھن، انھن جي ڪمائي سنڌ جي ماڻھن تي خرچ ڪئي وڃي، سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول ناھي. 28ھين آئيني ترميم ذريعي وحدت جو سودو ڪيو پيو وڃي، دنيا ۾ نياڻيون يونيورسٽين ۾ پڙھي اعلي ڊگريون حاصل ڪن ٿيون پر سنڌ ۾ نياڻين جا لاش ملن ٿا، سنڌ ۾ 7 ھزار کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليج بند پيا آھن، نياڻين جي تعليم جا معياري بندوبست ناھن. وسيلن، پاڻي، درياھ ۽ وحدت تي حملو ڪرڻ لاءِ حڪمرانن پلاننگ تحت سنڌي ماڻھن کي ذاتين ۽ برادرين ۾ ورھائي ڇڏيو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن جون پاليسيون زراعت دشمن آھن. جيڪو فصل لھي ٿو ان جو اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ حڪومت زراعت جي بحالي لاءِ آبادگارن کي آسان قسطن تي ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏي. 3 سالن تائين ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائون مفت ڏنيون وڃن.