خيرپور (ڊر)صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران خيرپور جي ڪوٽ مير محمد واري علائقي ۾ ناريجا برادري جي ٻن ڌُرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ ٻن عورتن سميت پنج ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي سنڌ جي گهرو وزير چيو آهي ته خيرپور جي ڳوٺ اسحاق ناريجو ۾ ناريجا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت 5 مارجي ويا آهن ڌُرين سان ڳالهين ذريعي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي معاملي کي حل ڪرايو وڃي. علائقي ۾ امن هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي امن خراب ڪندڙ عنصرن سان قانون موجب سختيءَ سان منهن ڏنو وڃي قانون جي بالادستي تي ڪوئي به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.