اسلام آباد (بيورو) حڪومت ڪچي تيل جي عالمي اگهن ۾ واڌ جو بار عوام ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جنهن تحت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 13 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 14 رپيا واڌ ڪرڻ جي تجويز تي فيصلو ڪيو ويو، ياد رهي ته حڪومت 4 جولاءِ تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ في ليٽر هڪ رپيو 97 پئسا گهٽتائي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 297 رپيا 53 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 309 رپيا 50 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي. هاڻ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٻيهر اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، عوام حڪومت جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل گهٽ ٿيو ته حڪومت هتي پيٽرول نه گهٽايا، جڏهن ته هڪ ڀيرو پيٽرول اگهه برقرار رکيا ويا، گذريل هفتي صرف رپيو گهٽايو ويو، اڳ ۾ حڪمرانن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل گهٽ ٿيڻ سان هتي اگهه گهٽ نه ٿيندا، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل وڌڻ سان هتي فورن پيٽرول جا اگهه وڌايا وڃن ٿا، حڪومت عوام کي جيئڻ به نه ٿي ڏئي، عام واهپي جون شيون مهانگيون ملي رهيون آهن، پيٽرول جا اگهه گهٽائڻ بدران وڌايا ويا آهن، هي سراسر ظلم آهي.