نسلا ٽاور بابت سپريم ڪورٽ جا حڪم واپس، عدالت اختيار اورانگهيا: آئيني عدالت

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ وفاقي آئيني عدالت نسله ٽاور جي مسماري جو سبب بڻجندڙ سپريم ڪورٽ جا 2018ع ۽ 2019ع وارا حڪم واپس وٺي ڇڏيا، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بنيادي طور صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي نه ڪي عدليه جي، عدالت چيو ته عدالتن کي پنهنجي سامهون موجود تڪرار تائين محدود رهڻ گهرجي ۽ غيرضروري معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، وفاقي آئيني عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي دائري کان اڳتي وڌي وسيع حڪم جاري ڪيا هئا، جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رپورٽن جي بنياد تي قانوني تقاضا پورو ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به عمارت کي ڊاهڻ جا حڪم جاري نٿا ڪري سگهجن، عدالت واضح ڪيو ته هر ڪيس ۾ منصفاڻي قانوني ڪارروائي آئيني گهرج آهي ۽ عدالت جو مقصد غيرقانوني اڏاوتن کي تحفظ ڏيڻ نه، پر قانون موجب ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ آهي، فيصلي سان گڏ جاري ڪيل اضافي نوٽ ۾ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه لکيو ته شهرين جي بنيادي حقن ۽ عوامي سهولتن جو تحفظ رياست جي پهرين ذميواري آهي، هن زور ڏنو ته پارڪن، راندين جي ميدانن، گرين بيلٽن، فٽ پاٿن، سامونڊي ڪنارن ۽ ٻين عوامي هنڌن کي غيرقانوني قبضي ۽ غيرقانوني تبديلين کان محفوظ رکڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميواريون نڀائين.

عدالتون عمارتون ڊاهڻ جو حڪم نه ٿيون ڏئي سگهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته  عدالتون عمارتون ڊاهڻ جو حڪم نه ٿيون ڏئي سگهن:.  فيصلي تي ردعمل ڏيندي  شرجيل ميمڻ چيو ته اسان ان وقت به ٽاور کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي . اميد ته اڳتي اهڙا فيصلا نه ٿيندا.

جسٽس گلزار کي به فيصلي تي معذرت ڪرڻ گهرجي: آباد

ڪراچي(رپورٽر) بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي ايسوسيئيشن (آباد) آئيني عدالت جي فيصلي جو استقبال ڪيو ۽ زمين خريد ڪرڻ ۽  نسلا ٽاور کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو. تفصيل موجب، وفاقي آئيني عدالت ڪراچي جي مشهور نسلا ٽاور جي ڊاهڻ بابت سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي فيصلي کي واپس وٺي ڇڏيو آهي.هن تاريخي ۽ بي مثال عدالتي ترقي کان پوءِ، سنڌ حڪومت، بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي ايسوسيئيشن (آباد) ۽ متاثر الاٽيز فيصلي جو استقبال ڪيو آهي، ان کي انصاف جي فتح قرار ڏنو آهي ۽ متاثرين جي نقصان جي فوري ۽ مڪمل معاوضي ۽ تعميراتي شعبي جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته جسٽس گلزار کي به فيصلي تي معذرت ڪرڻ گهرجي.نسلا ٽاور ڪيس سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تحت ڪراچي ۾ غير قانوني تعميرات، تجاوزات ۽ سرڪاري زمين واپس حاصل ڪرڻ جي مهم دوران سامهون آيو.

بي گهر ٿي وياسين، ماڻهو مري ويا، هاڻ فيصلي کي غلط چوڻ سان ڪهڙو فائدو:متاثر

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي آئيني عدالت نسله ٽاور ڊاهڻ بابت سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا حڪم واپس وٺندي قرار ڏنو آهي ته غيرقانوني  اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ عدليه نه، پر لاڳاپيل صوبائي حڪومت ۽ مجاز ادارن جو اختيار آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالتن کي پنهنجي سامهون موجود تڪرار تائين محدود رهڻ گهرجي ۽ غيرضروري معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عدالتي فيصلي کان پوءِ نسله ٽاور جا متاثر ٿيل رهواسي ٻيهر عمارت واري هنڌ پهچي ويا، متاثر محمد علي، جنهن جا ٽي فليٽ هئا، هن چيو ته عمارت ڊهي وئي، ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي خاندان تباهه ٿي ويا، هاڻي فيصلي کي غلط قرار ڏيڻ سان انهن جو نقصان واپس نٿو اچي سگهي، هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن اڳوڻو فيصلو غلط هو ته هاڻي ان جي حيثيت ڇا رهي ۽ متاثرن کي انصاف ۽ نقصان جو ازالو ڪيئن ملندو.

 

You might also like