سجاول ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻڻ تي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل

سجاول (رپورٽ: منظور ميمڻ) سجاول ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف ڪڍيل احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي جي سلسلي ۾ سجاول ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 11 ڄڻن کي نامزد ڪندي ۽ 15 کان 20  اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، آصف بالادي، جميل ڌونڪائي، اڪبر مري، مجيد آزاد، نظير لغاري، منظور ميمڻ، نواز خان زئور، ممتاز زئور ۽ محمد خان پٺاڻ کي نامزد ڪيو ويو، 15 کان 20 اڻڄاتل ماڻهن کي پڻ ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته احتجاج ڪندڙن پاڻي جي کوٽ خلاف روڊ تي ڌرڻو هڻي شاهراهه بلاڪ ڪيو جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي ۽ سرڪاري عملي جي ڊيوٽي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، جڏهن ته نامزد جوابدارن ۾ عوامي آواز جي ضلعي رپورٽر منظور احمد ميمڻ جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو، صحافي منظور احمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو رڳو پنهنجي صحافتي ذميواري نڀائيندي احتجاجي ريلي جي ڪوريج لاءِ موجود هو، خبرن جي ڪوريج دوران کيس ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ آزادي صحافت تي سوال اٿاري ٿو. هوڏانهن صحافتي حلقن ڪوريج ڪندڙ صحافي کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته صحافين کي سندن پيشاور ذميوارين جي ادائيگي دوران تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like