بلوچستان ۾ زيارت ۽ اوڙڪ حملن خلاف احتجاج، ڌرڻا

ڪوئٽا(ع آ نيوز) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئٽا ۾ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل تازن واقعن خلاف احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي، ايئرپورٽ روڊ تي دهشتگردن جي حملن خلاف گذريل آچر کان جاري ڌرڻي کانپوءِ هاڻ ڪوئلا ڦاٽڪ وٽ به هڪ نئون ڌرڻو شروع ٿي ويو آهي. ڪوئلا ڦاٽڪ وٽ  زيارت ۾ مانگي ڊيم فيز ٿري جي اڏاوتي سائيٽ تي مقرر پوليس اهلڪارن جي وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو آهي. شهيد اهلڪارن جا لاش گذريل رات ڪوئٽا منتقل ڪيا ويا، پوسٽ مارٽم کانپوءِ 13 اهلڪارن جا مڙهه تدفين لاءِ سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا، جڏهن ته باقي اٺن ڄڻن جا لاش ڪوئلا ڦاٽڪ وٽ رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو آهي. ڌرڻي ڪميٽي جي رڪن عبدالفياض موجب احتجاج تيستائين جاري رهندو جيستائين حڪومت جا بااختيار نمائندا ڳالهين لاءِ نه ايندا. سندس چوڻ آهي ته زيارت کي ٻيهر مڪمل طور پرامن بڻايو وڃي، حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ واقعي ۾ غفلت ڪندڙ سرڪاري عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي هڪ ٻيو ڌرڻو پڻ جاري آهي، جيڪو ڪوئيٽا ويجهو هِنه اوڙڪ واري علائقي ببري ۾ ٿيل حملي خلاف هنيو ويو آهي، ان حملي ۾ پنج مقامي ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته 11 ڄڻا اغوا ٿيا هئا.

 

You might also like