آمريڪا- ايران ڳالهين لاءِ پاڪستان ۽ قطر سرگرم

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي ميڊيا سي اين اين موجب، علائقي جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن۔رپورٽ موجب، سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل گذريل ڳالهين واري دور جا بنيادي ٽياڪڙ پاڪستان ۽ قطر هئا، جنهن جي نتيجي ۾ جون جي وچ ڌاري هڪ مفاهمتي  يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ ٿيندڙ ڳالهين جي مرحلن ۾ عمان پڻ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو هو۔ٻئي طرف، اربع ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ سڀني ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جيڪي علائقي جي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائين۔پرڏيهي وزارت چيو ته علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. پاڪستان سڀني ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته هو اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل پنهنجن واعدن تي عمل ڪن۔

 

You might also like