آمريڪا ايران ڇڪتاڻ تي عالمي ميڊيا جي تجزئي تي ٻڌل جائزو وٺڻ کان پوءِ انھن جي راءِ مطابق امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازو پنھنجي پراڻن بيانن تان ڦري ويو آھي، مايوس ٿي پيو آھي يا سندس بيان به سندس روايتي پاسا مٽائڻ واري عادت جو حصو آھي. ايران سان موجوده جنگ بندي واري اعلان بدلائڻ مان اهو تاثر ملي ٿو ته هو هاڻي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري سفارتي ڳالهين بابت اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ پراميد نظر اچي رھيو آھي بظاھر ھن کي ايراني شرط ڪجهه ڏکيا لڳا آھن يا انھن کي مڃڻ تي کيس اندروني دٻاءُ جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي. ھاڻ معاھدا ختم ڪري ٿو يا ڪجهه شرطن کي مڃڻ ھن لاءِ ڏکيا ٿي پيا آھن جيئن ڪجهه هفتا اڳ تائين ٽرمپ جو خيال هو ته وقفي وقفي سان پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ باوجود ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو ۽ آخرڪار ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ ممڪن ٿيندو، پر هاڻوڪي حالتون ظاهر ڪن ٿيون ته سندس سوچ ۾ نمايان تبديلي اچي چڪي آهي.
ٻئي پاسي ٽرمپ جي تازن بيانن مان لڳي ٿو ته هو هاڻي سمجهن ٿا ته تڪرار اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتان سفارتي حل وڌيڪ ڏکيو بڻجي سگهي ٿو. هن اهو امڪان به رد نه ڪيو آهي ته ايران خلاف فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون، جيڪي ڪنهن به وقت شدت اختيار ڪري سگهن ٿيون. يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلينسڪي سان ملاقات دوران صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو، "ڏسون ٿا ته حالتون ڪهڙي رخ وڃن ٿيون، مان ايران کان خوش ناهيان.” سندس مختصر پر اهم بيان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته واشنگٽن ۾ ايران بابت اعتماد گهٽجي رهيو آهي.
جيڪڏهن ايران سان جاري ڳالهين جو عمل ناڪام ٿئي ٿو يا جنگبندي ختم ٿي وڃي ٿي ته ان جا اثر رڳو آمريڪي پرڏيهي پاليسي تائين محدود نه رهندا، پر ٽرمپ کي ملڪ اندر به سياسي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ريپبلڪن پارٽي جي ڪيترن ئي قانونسازن شروعات کان ئي ايران بابت نرم پاليسي تي تحفظات ظاهر ڪيا هئا. انهن جو خيال هو ته جنگبندي ۽ 14 نڪاتي معاهدي مان آمريڪا کي ڪو خاص فائدو حاصل نه ٿيندو جڏهن ته ايران جي معاهدي تي عملدرآمد ۽ آبنائي هرمز کي کليل رکڻ بابت به مڪمل اعتماد نٿو ڪري سگهجي.
ٽرمپ واضح ڪيو ته آمريڪا ڪڏهن به ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، پر هاڻي کيس شڪ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪو باضابطه معاهدو ٿي سگهندو يا نه سندس لفظن مطابق "شايد اسان بغير ڪنهن معاهدي جي به پنهنجا مقصد حاصل ڪري وٺنداسين، ڇو ته سچ پڇو ته اهو شايد وڌيڪ آسان هوندو.” هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو مقصد ايران ۾ حڪومت جي تبديلي آڻڻ نه ، پر ايران کي ايٽمي هٿيارن کان روڪڻ آهي. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي قدمن سبب ايران جو جوهري پروگرام وڏي حد تائين محدود ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ايران وچ اوڀر ۾ اڳ جيترو اثرائتو ملڪ ناهي رهيو.
ٻئي پاسي ميدان ۾ به ڇڪتاڻ گهٽجڻ بدران وڌندي نظر اچي رهيو آهي. ايران جي ڏاکڻي صوبي هرمزگان ۾ واقع اهم سامونڊي بندرگاه سيريڪ تي رات دير سان ٿيل فوجي حملي ۾ چار ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بندرگاهه جي سامونڊي ڍانچي کي به وڏو نقصان پهتو آھي ايراني سرڪاري خابرو اداري ارنا موجب حملو ٻن مرحلن ۾ ڪيو ويو، جنهن دوران بندرگاه جي فلوٽنگ پيئر کي سخت نقصان رسيو، جڏهن ته مقامي واپاري ٻيڙيون ۽ ويجها ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاور پڻ حملي جي زد ۾ آيا. صوبائي بندرگاهن جي عملدار حميد رضا محمد حسيني تختي موجب زخمين مان هڪ ڄڻو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٽي ٻيا معمولي زخمي ٿيا، جن کي موقعي تي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.هي حملو اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ طرفان هرمزگان جي مختلف علائقن، جن ۾ بندر عباس ۽ قشم ٻيٽ شامل آهن، فوجي ڪاررواين جون رپورٽون به سامهون اچي رهيون آهن، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن.
مجموعي طور تي موجوده صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي رستو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيو ۽ غيريقيني بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ڳالهين جو سلسلو ناڪام ٿئي ٿو ته فوجي ڇڪتاڻ ٻيهر شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، جنهن جا اثر رڳو ٻنهي ملڪن تائين محدود نه رهندا، پر سڄي وچ اوڀر، عالمي توانائي مارڪيٽن ۽ سامونڊي واپار تي به اثر انداز ٿي سگھن ٿا خاص طور تي آبنائي هرمز جهڙي اهم سامونڊي گذرگاه ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام عالمي معيشت، تيل جي فراهمي ۽ عالمي واپاري نظام لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو.