جيل سڌارا ڪانفرنس ۽ قيدين جي حقن جو سوال

مظهر عباس

تازو ڪراچي سينٽرل جيل وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتي ٻن بورڊن تي نظر پئي ته مان گهري سوچ ۾ ٻڏي ويس. جيڪڏهن ڪنهن جيل ۾ قيدين جي گنجائش 2400 هجي، پر اتي 8500 قيدي بند هجن، جن مان 7000 کان وڌيڪ قيدي ٽرائل هيٺ هجن ۽ 80 قيدي ڦاسي جي سزا جا منتظر هجن، ۽ شايد ملڪ جي ٻين جيلن جي حالت به ان کان گهڻي مختلف نه هجي، ته پوءِ اهڙين حالتن ۾ جيل سڌارن جو سوال ئي ڪيئن نه پيدا ٿيندو؟ جيتوڻيڪ اعليٰ عدليه جي سطح تي قومي ڪانفرنس جو انعقاد هڪ خوش آئند قدم آهي، پر جيلن جي دنيا جون اڻ وسرندڙ ڪهاڻيون ٻڌڻ ۽ سالن کان اهڙن واقعن جي رپورٽنگ ڪرڻ کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته قانون ته ڪنهن کي جيل موڪلي ٿو، پر جيل جي اندر ان سان ڇا ٿو ٿئي، ان کان گهڻو ڪري بي خبر رهي ٿو. ائين به ناهي ته جيلن ۾ سڀ ڪجهه غلط هجي. اتي ڪيترين ئي سبق آموز ڪهاڻين سان گڏ اهڙا قيدي به آهن، جيڪي بهترين فنڪار، مصور ۽ تخليقي صلاحيتن جا مالڪ آهن. پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙا ماڻهو قيد ۾ ڇو آهن؟ جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه به هجي، ته گهٽ ۾ گهٽ سندن تخليقي صلاحيتن کي ڏسندي ئي کين آزادي ڇو نه ڏني وڃي؟

مان اڃان پهرئين بورڊ بابت سوچي ئي رهيو هئس ته نظر ٻئي بورڊ تي پئي، جنهن تي لکيل هو: "سنڌ پريزن اينڊ ڪريڪشن سروسز رولز 2019”. ان جي رول نمبر 771 موجب قيدين کي ڪيترين ئي سهولتن جو حق حاصل آهي. انهن ۾ ملاقات، فون ڪال، وڊيو ڪال، خط وصول ڪرڻ ۽ موڪلڻ، ازدواجي ملاقات، لائبريري جو استعمال، موسيقي جا پروگرام، انڊور ۽ آئوٽ ڊور رانديون، چهل قدمِي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون شامل آهن. جيڪڏهن واقعي اهي سڀ سهولتون قيدين کي ملي رهيون آهن ته پوءِ اسان ڪهڙن جيل سڌارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟ ڇو ته زميني حقيقتون انهن دعوائن کان بلڪل مختلف آهن، ۽ انهن حقيقتن کان واقف صرف اهي ماڻهو آهن، جن پاڻ جيل ڪٽيو آهي.

ڪجهه وقت اڳ مون کي اهڙن ڪجهه قيدين سان ملڻ جو موقعو مليو، جن ستن کان ٻارهن سالن تائين جيل ڪاٽي هئي. اهي سياسي قيدي نه هئا. جيڪڏهن جيل سڌارن بابت اهڙي ڪنهن قيدي جي به ڳالهه ٻڌي وڃي ها، جنهن سالن تائين جيل ۾ وقت گذاريو هجي، ته شايد اصل صورتحال سامهون اچي وڃي ها. سياسي قيدين سان ٿيندڙ ورتاءُ وقت جي حڪومتن جي پاليسين موجب هوندو آهي، جيل رولز موجب نه. ڇاڪاڻ ته مجموعي طور اسان جو سياسي مزاج جاگيرداراڻو آهي، تنهنڪري مخالف کي جيل جي اونداهي ڪوٺڙي ۾ رکڻ سان حڪمرانن کي سڪون محسوس ٿيندو آهي. اهڙو مزاج رڳو ڳوٺاڻن علائقن ۾ نه، پر شهرن ۾ به نظر اچي ٿو. پر هتي ڳالهه عام قيدين جي آهي، جن جون ڪهاڻيون ۽ انهن سان پيش ايندڙ ڪيترائي واقعا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. مختصر لفظن ۾ ائين سمجهو ته جيڪڏهن توهان جي کيسي ۾ پئسا ناهن ته بدترين سلوڪ لاءِ تيار ٿي وڃو، ۽ جيڪڏهن کيسي ڀريل آهي ته توهان کي وي آءِ پي بئريڪ به ملي سگهي ٿي. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن هڪ ئي بئريڪ ۾ ڏيڍ سئو کان ٽي سئو قيدي بند هجن، ته پاڻ کي خوش نصيب سمجهو جيڪڏهن توهان کي پاسي ورائڻ جي به جاءِ ملي وڃي.

جيڪڏهن واقعي جيل سڌارا ڪرڻا آهن ته سڀ کان وڏي ذميواري عدالتن تي اچي ٿي، جيڪي خاص طور تي معمولي نوعيت جي ڪيسن جا فيصلا هنگامي بنيادن تي ڪن. اهو به يقيني بڻايو وڃي ته قيدي سان اوترو ئي ورتاءُ ڪيو وڃي، جيترو سندس ڏوهه جي نوعيت موجب هجڻ گهرجي. هتي ته صورتحال ئي ٻي آهي. هٿن جي هٿڪڙين کان وٺي پيرن جي ٻيرين کي هلڪو ڪرائڻ تائين هر شيءِ لاءِ رشوت ورتي وڃي ٿي. جيل جي ٻولي ۾ آلو کي "گرنيڊ” ۽ قورمي کي "ڊيزل” چيو وڃي ٿو. اها ڳالهه مون کي هڪ اهڙي قيدي ٻڌائي، جيڪو مالي طور خوشحال خاندان سان تعلق رکندو هو ۽ ٻارهن سال جيل ڪاٽي آيو هو. سندس چوڻ موجب، صرف ڪجهه سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ ئي لکين رپيا خرچ ڪرڻا پيا.

هاڻي جيل جو کاڌو ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر ٿيو آهي، بيڪري به موجود آهي، پئسن جي ڏي وٺ لاءِ جيل جي پنهنجي "اي ٽي ايم” جهڙو نظام به موجود آهي، ۽ تازو ڪجهه وڌيڪ سهولتون به وڌايون ويون آهن. پر سماج ۾ پکڙيل ڪرپشن جيلن تائين به پوري شدت سان پهتل آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ ٿيل تازي قومي ڪانفرنس جا نتيجا ڪهڙا نڪرن ٿا، ڇو ته اسان وٽ گهڻو ڪري ڪاغذي ڪارروائي ئي ٿيندي آهي، البت اميد آهي ته شايد هن ڀيري ڪجهه مختلف ٿئي.

ڪانفرنس دوران پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز اڊيالا جيل ۾ پاڻ سان ٿيل ورتاءُ جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته کيس هڪ سال تائين اتي قيد رکيو ويو. جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي به اڊيالا جيل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان ٿيندڙ ورتاءُ جو ذڪر ڪيو، جيڪو ٽن سالن کان اتي قيد آهي. بهتر ٿئي ها جيڪڏهن ٻئي اڳواڻ اهو به ٻڌائن ها ته سندن پنهنجي صوبن جي جيلن جي حالت ڪهڙي آهي. اهو به نٿو چئي سگهجي ته انهن مان ڪنهن آخري ڀيرو پنهنجي صوبي جي جيلن جو دورو ڪڏهن ڪيو هو. اهو به معلوم ناهي ته بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پنهنجي صوبي جي جيلن بابت ڇا چيو، يا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اها به خبر آهي يا نه ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان عورتن جي ملاقاتن تي پابندي لڳل آهي، ڀلي اهي سزا يافته يا ٽرائل هيٺ قيدين جون مائرون، زالون يا ڀينرون ئي ڇو نه هجن. سبب سيڪيورٽي ٻڌايو وڃي ٿو، ڄڻ ته عورتون ئي سيڪيورٽي لاءِ خطرو هجن.

وڏن وزيرن جون ڳالهيون ۽ ذميواريون پنهنجي جاءِ تي، پر سڀ کان اهم ذميواري خود عدليه جي آهي. آخر ڇو هڪ اهڙو ٽرائل هيٺ ملزم، جيڪو ڪنهن سنگين ڏوهه ۾ ملوث نه هجي، مهينن ۽ سالن تائين جيل ۾ بند رهي؟ ۽ پوءِ اتي جيڪو سلوڪ سندس سان ٿئي، تنهن کان پوءِ هو سماج ڏانهن واپس هڪ وڌيڪ سخت مجرم بڻجي موٽي اچي. جيل سڌارا اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهن. مون هتي رڳو جيل جي الف، ب ٻڌائي آهي، حقيقت ۾ ته اها هڪ پوري ڪتاب جيتري دنيا آهي. سياسي قيدين کان وٺي عام قيدين تائين، جيڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو ته قيدين جون ڪهاڻيون انهن جي پنهنجي زبان ۾ بيان ڪندس.

حقيقي سياسي قيدي جيل ۾ وقت ڪيئن گذاريندا هئا، ان بابت هڪ دلچسپ واقعو مشهور آهي. اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن لاهور جي جيل ۾ قيد هو ته سندس وڪيل يحيٰ بختيار ساڻس ملڻ آيو. ڀٽي صاحب پڇيو: "ڇا خبرون آهن؟ اڄڪلهه مون کي اخبار نٿي ملي.” يحيٰ بختيار وراڻيو: "ڪجهه اخبارون لکي رهيون آهن ته اوهان کي جيل ۾ شراب ڏنو وڃي ٿو.” ان تي ڀٽي صاحب کلندي سامهون بيٺل جيلر ڏانهن اشارو ڪندي چيو: "هي ته پوءِ به مون کي نٿو ڏئي.”هڪ ٻيو واقعو خان عبدالولي خان جو آهي. سخت برسات سبب سندس بئريڪ پاڻي سان ڀرجي وئي، جنهن ڪري هو سڄي رات هڪ ڪنڊ ۾ چادر ويڙهي ويٺو رهيو. صبح جو جيلر آيو ۽ چيائين: "خان صاحب، اوهان مون کي ٻڌايو ڇو نه؟ مان اوهان کي ٻي بهتر بئريڪ ڏئي ڇڏيان ها.” ولي خان جواب ڏنو: "مان قيدي آهيان.”

 

You might also like