پريا ڪماري اغوا ڪيس ۾ سنڌ حڪومت غفلت ڪئي:جونيئر ذوالفقار ڀٽو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:ممتاز سنڌي+عرفان کوسو) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پ پ شهيد ڀٽو جي سينيئر اڳواڻ مرحوم تاج محمد ڊومڪي جي ورسي تي پهتو جتي هن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اڄ بدترين بحران جو شڪار آهي اڄ عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. سنڌ اسان جي رت ۾ شامل آهي،هن چيو ته سردار تاج محمد ڊومڪي منهنجي والد جو تمام ويجهو ساٿي هو. اڄ هن ورسي جي ڪري بجلي بند ڪئي وئي.هن چيو ته مان هر ڪارڪن سان رابطي ۾ آهيان ته جئين هو پنهنجون  شڪايتون ٻڌائي سگهن.هن وقت آئون ايڇ آءِ وي تي فوڪس ڪري رهيو آهيان ايڇ آءِ وي تي ان ڪري فوڪس ڪريان پيو ته ايڇ آءِ وي غريب ماڻهن تي جلدي اثر ڪندي آهي.هن چيو ته ڪنڌ ڪوٽ اسپتالن جي حالت ڏسو غريب عوام معمولي بيماري جي علاج ۾ وڃن ٿا ٻاھر ايڇ آءِ وي جا مريض ٿي نڪرن ٿا.ايندڙ اليڪشن  لاءِ ڪاميٽي  ٺاھي آهي جنهن ۾ سٺا ماڻھو گڏ ڪري رھيا آهيون،.نوجوان نوان چھرا ميدان ۾ آڻڻ چاهيون ٿا.پريا ڪمار جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت پاڻ ذميوار آهي.سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ختم ٿيڻ گهرجن

 

You might also like