قم ۾ آيت الله خامنه اي جي جنازي نماز ادا، لکين سوڳوار شريڪ

تهران(م ڊ)ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ سندس گهرڀاتين جي جنازي نماز قم شهر ۾ ادا ڪئي وئي. ايراني خابرو اداري موجب جنازي نماز مسجد جمڪران ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ لکين سوڳوارن شرڪت ڪئي.سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل وڊيوز ۾ مسجد اندر ۽ چوڌاري سوڳوار ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ نظر اچي ٿو، جتي اهي شهيد سپريم ليڊر کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن. رپورٽن مطابق، علي خامنه اي جي لاش کي جنازي جي نماز کان پوءِ وڌيڪ مذهبي رسمن لاءِ عراق نيو ويو، اڄ نجف ۽ ڪربلا ۾ جنازي نمازادا ڪئي ويندي. جنهن کان پوءِ لاش کي واپس ايران پهچايو ويندو، جتي ان کي خميس تي مشهد ۾ دفن ڪيو ويندو.

 

You might also like