دهشت گردن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري رهندو:ضياءُ لنجار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽميٽ سنڌ جي هيڊ آفيس جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍهو سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي غلام اظفر مهيسر، گهرو وزير کي دهشت گردي خلاف جاري انٽيليجنس بنياد تي آپريشنن، آپريشنل ڪارڪردگي، اداري جي پيشيوراڻي صلاحيت، مستقبل جي حڪمت عملي ۽ پيش ايندڙ چئلينجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني . اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي آپريشنز ون، ايس ايس پي سي ٽي ڊي آپريشنز ٽو سميت ٻين سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس دوران دهشت گردي خلاف جاري ڪارروائين، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، انٽيليجنس شيئرنگ، فرانزڪ صلاحيتن ۽ ادارن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، سي ٽي ڊي جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي، دهشت گردي خلاف ڪامياب ڪارروائين ۽ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بهادري ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته دهشت گردي خلاف جنگ ۾ سي ٽي ڊي صوبي جي صفِ اول واري فورس آهي ۽ اداري جي مضبوطي سنڌ ۾ پائيدارامن جي ضمانت آهي، موجود ۽ گهربل وسيلن بابت جامع سفارشون فوري طور تي پيش ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ حڪومت ترجيحي بنيادن تي اداري جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي، دهشت گرد عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري رکيو ويندو ۽ امن دشمن عنصرن لاءِ سنڌ ۾ ڪا به جاءِ ناهي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته سنڌ پوليس دهشت گردي خلاف هر محاذ تي مڪمل قوت، پختي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت سان سرگرم عمل آهي. وفاقي حساس ادارن سان موثر رابطن ۽ بروقت معلومات جي ڏي وٺ سبب دهشت گرد عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروائيون لاڳيتو جاري آهن.

 

You might also like