اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سپريم ڪورٽ هراساني جي خاتمي بابت وفاقي محتسب چيئرمين جي اهليت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.عدالت ۾ هراساني خلاف وفاقي محتسب سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد وحيد چيو ته هراساني خلاف وفاقي محتسب پنهنجي حلفي بيان ۾ پاڻ تسليم ڪيو آهي ته کيس قانون جي ڄاڻ ناهي.جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ماڻهو انصاف لاءِ وفاقي محتسب وٽ اچن ٿا، جيڪڏهن چيئرمين کي ئي قانون جي ڄاڻ ناهي ته پوءِ ماڻهن کي ڪهڙو رليف ملندو؟ هن وڌيڪ چيو ته قانون جي ڄاڻ کان سواءِ اپيل ڪيئن داخل ڪئي وئي؟وفاقي محتسب جي وڪيل جواب ڏنو ته قانوني سوال اهو آهي ته ڇا سروس ٽربيونل محتسب جي ملازمن سان لاڳاپيل ڪيس ٻڌي سگهي ٿو؟ان تي جسٽس شاهد وحيد پڇيو ته هراساني خلاف وفاقي محتسب جي چيئرمين ڪير آهي؟درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته فوزيه وقار وفاقي محتسب براءِ انسدادِ هراساني جي چيئرمين آهي.جسٽس شاهد وحيد تجويز ڏني ته ڇا اهڙي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ بابت آبزرويشن نه ڏني وڃي؟ هن اهو به چيو ته ڇو نه چيئرمين جي اپيل ڏنڊ سان گڏ رد ڪئي وڃي؟ان تجويز کان پوءِ وفاقي محتسب جي وڪيل پنهنجي اپيل واپس وٺي ورتي، جنهن تي سپريم ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.