ڪوئيٽا(ع آ نيوز) بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي. زيارت ۾ هٿياربند ماڻهن پوليس پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته ڪليئرنس آپريشن دوران 15 دهشتگرد مارجي ويا آهي. ايس پي زيارت موجب، مانگي ۾ هٿياربند ماڻهن پوليس پوسٽ تي حملو ڪيو، فائرنگ ۾ 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. ايس پي زيارت عبدالقدوس چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته حملي آور 5 پوليس اهلڪارن کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ۽ اغوا ٿيل پوليس اهلڪارن جي بازيابي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. بلوچستان جي وڏي وزير جي مددگار شاهد رند جو چوڻ آهي ته زيارت ۾ فتنہ الخوارج دهشتگردن خلاف ڪليئرنس آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي، ايف سي، پوليس، سي ٽي ڊي، ايس او ڊبليو ۽ اي ٽي ايف ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪيو. هن چيو ته فتنہ الخوارج جي دهشتگردن کي بلوچستان جي امن سان کيڏڻ جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. ڪليئرنس آپريشن دوران 15 دهشتگرد مارجي ويا. شاهد رند موجب، فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي ۾ 9 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ٿيا، شهيدن ۾ مانگي ۽ قص پوليس اسٽيشن جا ايس ايڇ او، اي ٽي ايف انچارج ۽ ٻيا آفيسر شامل آهن. هن چيو ته ڊي ايس پي غلام سرور سميت 8 پوليس اهلڪار محفوظ طور تي ڪڇ پوليس اسٽيشن پهچي ويا، ڪانسٽيبل رضوان کي به محفوظ طور تي بازياب ڪرايو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا به محفوظ پناهه گاهه ناهي، هر حملي جو فيصلو ڪندڙ جواب ڏنو ويندو، ۽ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن جاري رهندو. ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. فوت ٿيل ٻارن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻار سرياب جي ڪيچي بيگ علائقي جي ڪلي جديد ميان خان ۾ هڪ خالي پلاٽ ۾ رانديڪن جي بم جهڙي شيءِ سان کيڏي رهيا هئا، جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا ۽ هڪ ٻار زخمي ٿيو. فوت ٿيل ٻارن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.