راولپنڊي(عوامي آواز نيوز)حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڀلي ڪنهن کي خراب لڳي، پر ڳالهين ذريعي ئي مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو.راولپنڊي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته ويهي ڳالهين ڪرڻ جي آڇ جو اهو مطلب ناهي ته شهر بند ڪيا وڃن.هن چيو ته جيڪي چون ٿا ته چونڊن جا نتيجا عوام جي اميدن جي ابتڙ نڪرن ٿا، انهن جي ڳالهه کي مڪمل طور غلط به نٿو چئي سگهجي. چونڊ مهم دوران خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنهن چيو آهي ته آزاد ڪشمير اسيمبلي جون سيٽون نٿيون وڌائي سگهجن، پر پاڪستان ۾ ڪشميرين لاءِ مخصوص سيٽون ختم نٿيون ڪري سگهجن.خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) هڪ مقبول سياسي جماعت آهي، جڏهن ته هڪ ٻي جماعت به عوام ۾ مقبوليت رکي ٿي