موجوده حڪومت ۾ مسلم ليگ (ن) سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي، جڏهن ته تاريخي لحاظ کان اها پاڪستان پيپلز پارٽي کان پوءِ ملڪ جي ٻي سڀ کان پراڻي سياسي جماعت آهي. ڪجهه تحفظات باوجود پاڪستان جي سياست ۾ مسلم ليگ (ن) جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن جماعت پنج ڀيرا ملڪ کي وزيراعظم ڏنا، پنجاب کي ڇهه وڏا وزير ڏنا ۽ ٻين صوبن ۾ به ان جون حڪومتون رهيون. نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻيو، سندس خواهش تي شاهد خاقان عباسي وزيراعظم بڻيو ۽ هاڻي شهباز شريف به ساڳئي جماعت پاران نامزد ڪيل وزيراعظم آهي. پنجاب ۾ نواز شريف، غلام حيدر وائين، شهباز شريف، دوست محمد کوسا، حمزه شهباز شريف ۽ مريم نواز شريف سميت ڇهه وڏا وزير سڌيءَ ريت هن ئي جماعت سان لاڳاپيل رهيا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست ۾ مسلم ليگ (ن) جو انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي. اڄڪلهه وفاق ۾ به مسلم ليگ (ن) جي اڪثريتي ڪابينا آهي ۽ حڪومت جي واڳ به شهباز شريف جي هٿ ۾ آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ مريم نواز جي قيادت هيٺ مسلم ليگ (ن) اڪيلي حڪومت ڪري رهي آهي.
هاڻي جڏهن وفاقي ۽ پنجاب حڪومتون پنهنجي مدي جي اڌ مرحلي تائين پهچي چڪيون آهن ته اهو جائزو وٺڻ مناسب آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جون حالتون ڪهڙيون آهن. سادي لفظن ۾ چئجي ته نون ليگ جي ماڻهن کي ٽن وڏن گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون "ڏُکين” جو گروهه، ٻيو "سُکين” جو گروهه، جڏهن ته ٽيون اهڙو گروهه آهي، جيڪو ڪڏهن ڏُکيو ته ڪڏهن سُکيو محسوس ڪندو رهي ٿو. ڪجهه اڳواڻ وفاق کان ناراض پر پنجاب مان خوش آهن، ڪجهه وفاق ۾ عزت ماڻين ٿا پر پنجاب ۾ پاڻ کي نظرانداز ٿيل سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي جتان نوازش ملي ٿي، اتي خوش ٿي وڃن ٿا ۽ جتان بي ڌياني ملي ٿي، اتي پاڻ کي ڏُکيو سمجهن ٿا.
هن وقت پاڪستان ۾ مجموعي طور سياست جو سرگرم ماحول تقريباً ختم ٿي چڪو آهي. تحريڪ انصاف دٻاءُ ۽ تنظيمي ڪمزوري سبب عملي طور غيرمؤثر بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي ئي پارٽي تنظيم کي گهڻي حد تائين نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ضلعن، تعلقن ۽ ٽائون سطح جي تنظيمن جو نه حڪومت سان ڪو رابطو آهي ۽ نه حڪومت کين ڪا خاص اهميت ڏئي رهي آهي.
انهيءَ ڪري پارٽي جا گهڻا ڪارڪن "ڏُکين” واري گروهه ۾ شامل آهن. سندن خواهش آهي ته هو به "سٿرو پنجاب”، سستي ٽرانسپورٽ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو سياسي ڪريڊٽ وٺي سگهن، پر في الحال اهڙي اميد نظر نٿي اچي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو ذڪر ڪجي ته لاهور ۾ ڪجهه سرگرمي ضرور ڏسڻ ۾ آئي آهي، پر باقي گهڻا ڪارڪن اهڙي گهري ننڊ ۾ آهن، جو شايد قيامت جو شور به کين جاڳائي نه سگهي.
نون ليگ جي وڏن اڳواڻن ۾ به "ڏُکين” ۽ "سُکين” جي ورهاست واضح آهي. نواز شريف جي دور ۾ ٻه اهم بيوروڪريٽ، سعيد مهدي ۽ فواد حسن فواد، سياسي ۽ انتظامي فيصلن ۾ انتهائي اثرائتا هئا. حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي جيلون به ڪاٽيون، پر شهباز شريف جي موجوده حڪومت ۾ کين ڪا اهم ذميواري نه ملي. سينيٽر پرويز رشيد کي نواز شريف جي ٽئين دور ۾ وزارت تان هٽايو ويو هو. هاڻي هو پنجاب ۾ ته مڪمل طور "سُکيو” سمجهيو وڃي ٿو، پر وفاقي سطح تي "ڏُکيو” آهي، ڇو ته نه کيس اهم اجلاس ۾ سڏيو وڃي ٿو ۽ نه ئي صلاح مشورن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. پنجاب ۾ هو وي وي آءِ پي آهي، پر وفاق ۾ ڄڻ "ناپسنديده شخص” آهي. اهڙيءَ ريت "ڏُکيو-سُکيو” هجڻ جو اعزاز پرويز رشيد وٽ آهي.
موجوده حڪومت ۾ جهلم مان بلال اظهر ڪياني ۽ سندس والد رٽائرڊ جنرل اظهر ڪياني جو خاندان نئين طاقت طور سامهون آيو آهي. نون ليگ جي ايم اين اي چوڌري فرخ الطاف ۽ راجگانِ داراپور جي خاندان بدران هاڻي رڳو ڪياني خاندان پاڻ کي "سُکيو” محسوس ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري ٻين سياسي خاندانن جو "ڏُکيو” هجڻ فطري ڳالهه آهي. چوڌري فرخ الطاف اڳوڻي گورنر پنجاب چوڌري الطاف جو پٽ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو سئوٽ آهي. هي خاندان جهلم جي پراڻن سياسي خاندانن مان شمار ٿئي ٿو، جڏهن ته نوابزاده اقبال مهدي ۽ سندس پٽ مطلوب مهدي جو خاندان به ڪيترن ڏهاڪن کان مسلم ليگ (ن) سان وابسته آهي، پر نه کين ٽڪيٽ ملي ۽ نه ئي ڪا سياسي اهميت، تنهنڪري هو پاڻ کي نظرانداز ٿيل سمجهن ٿا.
بلال اظهر ڪياني وفاقي ڪابينا جو حصو آهي، جڏهن ته سندس والد پنجاب جي صحت واري شعبي جا صلاحڪار آهن. وفاقي ڪابينا ۾ به ڪجهه وزير "ڏُکيا” ۽ ڪجهه "سُکيا” آهن. هڪ وزير ته اهڙو به آهي، جنهن بابت مشهور آهي ته سندس ذهن ڪمپيوٽر کان به تيز ۽ سندس تجزيو چانڪيه کان به وڌيڪ گهرو آهي. سندس مزاج تيز آهي، پر هو طاقتور حلقن ۽ حڪومت جي اعليٰ قيادت جو انتهائي پسنديده آهي. البته ڪيترائي وزير سندس روين کان شڪايتون به رکن ٿا ۽ شايد ساڻس حسد به ڪن ٿا. نتيجي ۾ سندس ويجها آفيسر "سُکيا” آهن، جڏهن ته مخالف ڌر وارو بيوروڪريسي گروپ "ڏُکيو” محسوس ڪري ٿو. پنجاب ڪابينا ۾ به ڪجهه وزير ۽ وزيرياڻيون مڪمل طور خوش آهن، جڏهن ته ڪيترائي وزير خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن، جيئن پنهنجي عزت بچائي سگهن. صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به شڪايت ڪن ٿا ته سندن لاءِ وزيراعليٰ ۽ وزيراعليٰ هائوس جا دروازا ايترا کليل ناهن، جيترا پرويز الاهي يا شهباز شريف جي دور ۾ هوندا هئا. سنڌ ڏانهن نظر ڪجي ته اتي متحده قومي موومينٽ پاڪستان پاڻ کي گهڻو "ڏُکيو” محسوس ڪري رهي آهي. خالد مقبول صديقي ۽ مصطفىٰ ڪمال ته وفاقي وزارتن سبب خوش نظر اچن ٿا، پر فاروق ستار مهاجر سياست جي حساس معاملن تي ڳالهائي سندن کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ٻئي طرف سنڌ حڪومت بار بار واعدن باوجود شهري سنڌ، خاص ڪري ڪراچي، ۾ ڪا نمايان تبديلي آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ترقي سنڌ حڪومت لاءِ هڪ مثالي منصوبي جي حيثيت اختيار ڪري سگهي ٿي. وڏن منصوبن کي ڇڏي، شهر جي اندر به ڪا نمايان تبديلي محسوس نٿي ٿئي، جڏهن ته لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ترقي هر ايندڙ ماڻهو کي صاف نظر اچي ٿي. تنهن ڪري شهري سنڌ پاڻ کي "ڏُکيو” ئي محسوس ڪري ٿي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ روزگار ذريعي ووٽ بئنڪ ته برقرار آهي، پر جيڪڏهن ڪراچي ۾ نمايان سڌارو اچي ها ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي جو تاثر وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
بلوچستان ۾ حڪومت جي تبديلي بابت افواهه هاڻي ختم ٿي ويا آهن. صدر آصف علي زرداري سان سرفراز بگٽي ۽ مراد علي شاهه جي ملاقات کان پوءِ اختلافن جون خبرون به ماٺ ٿي ويون آهن. لڳي ٿو ته سرفراز بگٽي في الحال مڪمل طور "سُکيو” آهي، جڏهن ته سندس تبديلي جا خواهشمند ٻيهر "ڏُکيا” ٿي ويا آهن. امڪان اهو به آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سخت پريشان هجي، ڇاڪاڻ ته هر خوش ماڻهو سندس پويان لڳل نظر اچي ٿو. جيڪڏهن سندس ڏوهٽو گرفتار ٿيو آهي ته ان جو ذميوار اسحاق ڊار کي قرار ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي. ڪو به پيءُ يا ڏاڏو پنهنجي اولاد يا پوٽن ڏوهٽن جي ڏوهن جو ذميوار نٿو ٿي سگهي.مذهبي، قانوني ۽ اخلاقي لحاظ کان اسحاق ڊار جي سياسي خيالن يا فيصلن تي تنقيد ضرور ٿي سگهي ٿي، پر هن معاملي ۾ کيس نشانو بڻائڻ مناسب ناهي. جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿئي ته ڏوهٽي کي قانون موجب سزا ملي، پر ان جي بنياد تي ناني جي عزت کي داغدار ڪرڻ انصاف ۽ اخلاق ٻنهي جي خلاف آهي.