ايم ڪيو ايم، سنڌ جي سالميت ۽ آئين جي حڪمراني

عاطف ملاح

 5 جولاءِ 2026ع وارين مختلف  اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته:” متحده ڪراچي کي ٻيهر وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ ۽ احتجاج جي ڌمڪي. “ ڪراچي سنڌ صوبي جو گادي وارو هنڌ آهي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل پھرين جيڪو The Republic and its territories جي عنوان سان آهي، تنھن آرٽيڪل جي ڪلاز 1، سب ڪلاز B تحت سنڌ پاڪستان جو آئيني طور مڃيل صوبو آهي.

پاڪستان جي آئيني حدن ۾ پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان سان گڏ چوٿون صوبو سنڌ آهي. ساڳئي وقت 1973ع واري آئين جو آرٽيڪل 239 جيڪو آئيني ترميمن بابت آهي، تنھن جي ڪلاز 4، ۾ واضح لکيل آهي ته:”آئين ۾ اهڙي ترميم ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل ڪو به بل، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن صوبي جون حدون تبديل ٿين، صدر جي منظوري (Assent) لاءِ ان وقت تائين پيش نه ڪيو ويندو، جيستائين اهو بل لاڳاپيل صوبي جي صوبائي اسيمبلي پنهنجي ڪل ميمبرن جي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور نه ڪري.“

هاڻي جيڪڏهن آئيني طور هن معاملي کي ڏسجي جيڪا ايم ڪيو ايم ڊمانڊ ڪئي آهي ته ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪيو ۽ نوان انتظامي يونٽ ٺاهيو ته اهو معاملو سڌي طرح پاڪستان جي آئيني طور مڃيل هڪڙي صوبي سنڌ جي حدن اندر ڦيرڦار جو معاملو آهي ۽ ان لاءِ پاڪستان جو آئين واضح آهي ۽ چوي ٿو ته ان معاملي تي ان لاڳاپيل صوبي جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ بل پيش ڪري اتان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هاڻي اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ايم ڪيو ايم کي اها کليل ڇوٽ مليل آهي ته هو جيئن وڻين تيئن ملڪي آئين جي بيحرمتي ڪن؟ ڇا کين ڇوٽ ڇڏيو ويو آهي ته هو ڀلي ويٺا ڪروڙين پاڪستاني عوام لاءِ مقدس حيثيت رکندڙ دستاويز آئين کي ڀلي ويٺا پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙين؟

ڳالهه رڳو اتي دنگ نٿي ڪري پر پاڪستان جو موجوده آئين ڪيترن ئي ڳالهين ۾ سڌي ريت رهنمائي ڪري ٿو. مثال طور پاڪستان جي 73ع واري آئين جي آرٽيڪل 6 کي ڏسجي. آرٽيڪل 6 جو عنوان آهي سنگين غداري (High Treason)، هن آرٽيڪل ۾ واضع طور لکيل آهي ته:” (1) جيڪو به شخص طاقت جي استعمال، طاقت جي ڌمڪي يا ڪنهن به ٻئي غير آئيني طريقي سان آئين کي ختم (abrogate)، ڪمزور يا بي اثر (subvert)، معطل (suspend)، يا غير مؤثر/التوا ۾ (hold in abeyance) رکي، يا اهڙو عمل ڪرڻ جي ڪوشش يا سازش ڪري، اهو سنگين غداري (High Treason) جو ڏوهاري هوندو.

(2) جيڪو به شخص شق (1) ۾ بيان ڪيل عملن ۾ مدد ڪري، انهن جي همت افزائي (abetting) ڪري يا انهن سان سهڪار (collaborating) ڪري اهو پڻ سنگين غداري جو ڏوهاري هوندو. (2A) شق (1) يا شق (2) ۾ بيان ڪيل سنگين غداري جي ڪنهن به عمل کي ڪا به عدالت جنهن ۾ Supreme Court of Pakistan ۽ ڪا به High Court يا آئيني عدالت شامل آهي، قانوني حيثيت يا جواز (Validate) نه ڏئي سگهندي. (3) Majlis-e-Shoora (Parliament) قانون ذريعي سنگين غداري جا ڏوهاري قرار ڏنل ماڻهن جي سزا جو تعين ڪندي.“ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن فاروق ستار ۽ ٻين جن سرعام پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي حدن اندر ڦيرڦار ڪرڻ جا اعلان ڪيا آهن ۽ مطالبا ڪيا آهن اهي سڀ پاڪستاني آئين موجب آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جي ڏوھ جا ڏوهاري آهن. هنن پنهنجي بيانن سان آئين پاڪستان کي جهڙوڪ معطل ڪيو آهي ۽ آئين کي غير موثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙا مطالبا پاڪستان جي آئين جي روح سان ٽڪراءُ ۾ آهن ۽ جيڪڏهن ڪو عمل آئين کي غير آئيني طريقي سان بي اثر ڪرڻ يا ان جي ڀڃڪڙي جي حد تائين وڃي ٿو ته ان بابت آرٽيڪل 6 جي روشني ۾ قانوني سوال ضرور پيدا ٿين ٿا.

هي رڳو پھريون ڀيرو ناهي پر ڪيترائي دفعا ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ جا مطالبا سامهون ايندا رهيا آهن. سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۾ سنڌ دشمنن جي ڀرپور سهولتڪاري ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي جي ڪنھن به چونڊيل نمائندي يا وزير يا مشير ايم ڪيو ايم جي هن عمل تي هڪڙو اکر وات مان ناهي ڪڇيو، جيڪڏهن غلطي سان ڪنھن ۾ انقلابي جذبو اچي به وڃي ٿو ۽ هو ٻه لفظ ڳالهائي ٿو ته اهو به صرف بيانن حد تائين. ان کان وڌي چڙهي سنڌ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي پيپلزپارٽي وارن ڪڏهن به تڪليف ناهي ڪئي. ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار سميت سمورن انهن سنڌ دشمنن، ملڪ جي دشمنن ۽ پاڪستان جي آئين جي غدارن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ڪروڙين سنڌين جو تاريخي وطن آهي. ڪراچي سنڌ جي دل آهي. سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي تاريخي وطن سنڌ ۽ سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪندو. جيئن ايراني تهذيب اڄ آمريڪي شهنشاهت کي ماري شڪست ڏني آهي، ائين ئي سنڌو تھذيب جا رهواسي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سنڌ وطن جي حفاظت لاءِ وڙهندا ۽ ايم ڪيو ايم جهڙن سامراجي دلالن کي شڪست ڏيندا. آمريڪا جهڙو ديو به ايراني تھذيب کي شڪست نه ڏئي سگهيو، ايران کي ختم نه ڪري سگهيو ته پوءِ هي آمريڪي دلال ڪيئن سنڌو تهذيب کي ميساري سگهندا؟

 

You might also like