غزا(عوامي آواز نيوز)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزا ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان قائم پنهنجو حڪومتي ڍانچو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ٽيڪنوڪريٽن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ذريعي شهري انتظاميه قائم ڪرڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب حماس جي حڪومتي ميڊيا آفيس جي سربراهه اسماعيل الثوابته ٻڌايو ته حڪومتي ايمرجنسي ڪميٽي جي سربراهه محمد الفرا باضابطه طور پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪميٽي کي به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن اختيارن جي منتقلي جو عمل آسان بڻائي سگهجي.هي قدم حماس جي هڪ وڏي سياسي تبديلي طور ڏٺو پيو وڃي. حماس 2007ع کان غزه تي حڪمراني ڪري رهي آهي، جڏهن هن فتح تحريڪ کي هٽائي علائقي جو ڪنٽرول سنڀاليو هو.حماس جي ترجمان حازم قاسم چيو ته تنظيم اهو قدم ان ڪري کنيو آهي ته جيئن اسرائيل کي وڌيڪ جارحيت يا جنگ جاري رکڻ جو ڪو به جواز نه ملي. هن چيو ته حماس غزه جا انتظامي معاملا نيشنل ڪميٽي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.