لالو رائنڪ ڀرسان فائرنگ ۾ نوجوان قتل،سندس ڀاءُ زخمي

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لالو رائنڪ ڀرسان ڳوٺ خيرمحمد وڪو ۾ وڪا ذات جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 16 سالن جو نوجوان عبدالواحد پٽ علي اصغر ۽ سندس ڀاءُ آڪاش علي وڪو  سخت زخمي ٿي پيا، واقعي بعد هٿياربندن فرار ٿي ويا، زخمين کي سندن وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر داخل ڪرايو جتي علاج دوران نوجوان عبدالواحد وڪو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته زخمي نوجوان کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته صديق وڪو جي ڌر جي هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ڪري عبدالواحد وڪو کي قتل ۽ سندس ڀاءُ آڪاش علي وڪو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like